سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات سبب گرميءَ جو زور ٽٽي ويو، موسم خوشگوار، بجلي جو نظام درهم برهم

جُولاءِ 9, 2024

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات سبب گرميءَ جو زور ٽٽي ويو، موسم خوشگوار، بجلي جو نظام درهم برهم، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. ان سلسلي ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن ڊفينس، پي اي سي ايچ ايس، صدر ۽ ٻين علائقن ۾ مينهن وٺو. حيدرآباد  شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو وسڪارو ٿيو. وسڪاري کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار بڻجي وئي. بدين، ڪڍڻ، لواري شريف، وسڪي، راڄوخاناڻي، غلام شاهه موري، خليفو قاسم ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ برسات جو وسڪارو ٿيو جنهن سبب گرميءَ جو زور ٽٽي ويو، ٻئي طرف  سيراڻي شهر سميت ڀڳڙا ميمڻ، بخشيو ديرو، لاکو پير، پير فتح شاھه، ٻهڊمي، احمد راڄو، گرهيڙي، شيخ ڪرهيو ڀانڍاري ۽ ڀرپاسي جي علائقي ۾ گجگوڙ ۽ تيز هوا سان برسات جو وسڪارو ٿيو، کورواھه ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ شديد گرمي کانپوءِ تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، ساماري شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جي وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو. پنگريي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز ھوا سان برسات جو وسڪاري بعد روڊ رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيھجي ويو. ٽنڊي باگي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گجگوڙ سان گڏ تيز برسات جو وسڪاري بعد موسم خوشگوار ٿي وئي. ڪوٽ غلام محمد، ڊينگاڻ رستي، ڏھون ميل موري، ڪوٽ ميرس سميت ڀرپاسي جي ننڍن وڏن ڳوٺن  توڙي شهرن ۾ برسات جو وسڪارو ٿيو، ڍوري ناري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو، جڏهن ته بجلي فراهمي معطل ٿيڻ سبب رهواسين کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو، ميرپور ساڪري ۽ ڀرپاسي وارن علائقي ۾ طوفان سان گڏ وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو، ٽنڊو آدم ۽ آسپاس قهر جي گرمي ۽ ٻوسٽ کانپوءِ برسات جو وسڪارو ٿيو، جنهن بعد گرمي جو زور ٽٽي پيو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي، قاضي احمد ۽ ڀرپاسي برسات سبب گرميءَ جو زور ٽٽي ويو. بوزدار وڏا، نور بوزدار، ٽالپر ننڍا، تلي دٻي ۽ بگو دڙو ۾ تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، ٺري ميرواهه ۾ تيز طوفاني برسات پئي، جنهن بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو، جڏھن ته شھر سميت ڀرپاسي جي هيٺائين وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو، قصبو سميت ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي ھلڪي برسات جو وسڪارو گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار بڻجي ويئي نئين گاج ھيروخان مريدديرو نبو برھماڻي سميت ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ وسڪارو سبب گرميءَ جو زور ٽٽي ويو. عثمان شاھ ھڙي ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ تيز ھوائن سان وسڪارو، پوڇڙي جي آبادگارن ۾ خوشي جي لھر پکڙجي وئي. بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. پليجاڻي ۾ برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، هيٺانهين وارن علائقن ۾ تلائن جي صورت ۾پاڻي بيهجي ويو. ڪوھستان ۽ ڀرپاسي ڳوٺن ڪرچات،  ٿاڻوعارب خان،  ٿاڻو احمد خان،  مھندا پالاري،  ڌماچ ، تونگ،  ڀال، ريڪ، لوياڇ علي مراد باريجو ۽ آس پاس وارن ڳوٺن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي  دادو شهر ۽ ڀرپاسي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ هلڪي هلڪي برسات هلڪي هلڪي برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو. ٻانڌي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سانوڻي جو پهريون وسڪارو ٿيو، دريا خان مري ۽ ڀرپاسي تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، ڀٽ شاھ ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ هوا سان گڏ برسات جي وسڪاري سبب گرميءَ جو زور ٽٽي ويو.

Leave A Comment