سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، ڇتيون ۽ وڻ ڪرڻ سبب شاگردياڻي ۽ 2 نينگريون فوت
جُون 22, 2024
ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ طوفان سان گڏ برسات پئي، لاڙڪاڻي ۽ کهڙا ۾ حادثن ۾ لطيف يونيورسٽي جي شاگردياڻي ۽ ٻه نينگريون فوت ٿي ويون. ان ڏس ۾ ڪراچي جي نيو ڪراچي، ناظم آباد، نارٿ ڪراچي وارن علائقن ۾ هلڪي برسات پئي، جنهن سبب گرمي جو زور ٽٽي پيو. لاڙڪاڻي ۾ تيز هوا سان پيل برسات کان پوءِ گرميءَ جو زور ٽٽي ويو، ايس ايس پي چوڪ، ميروخان چوڪ، سبحان الله چوڪ، سرڪٽ هائوس روڊ، جيلس بازار، وي آءِ پي روڊ، لاهوري محلا روڊ، نشتر روڊ، مراد واهڻ محلا روڊ، ڦل روڊ، ريلوي ڪالوني وڏي مڇي مارڪيٽ، سُڪ پل، پير سرڪٽيو روڊ، معظم ڪالوني، فيصل ڪالوني، لهر ڪالوني، ايمپائر روڊ، ڪينيڊي مارڪيٽ، نظر محلا روڊ، ڀينس ڪالوني روڊ سول اسپتال ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، شهرين جون زبون حال گهر جون ڀتيون توڙي ڇتيون ڪِري پيون، برسات دوران لاڙڪاڻي شهر توڙي ڀروارن علائقن ۾ اڪثر بجلي جا فيڊر ٽرپ ٿي ويا، هوڏانهن ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لُهر برسات سبب ٿيل نقصان ۽ شهرين کي پيش ايندڙ مشڪلاتن جو نوٽيس وٺندي شهر جي ڊسپوزل مشينن توڙي مختلف علائقن جو دورو ڪري ميونسپل عملي کان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ بابت معلومات وٺندي کين هدايت ڪئي ته جلد کان جلد برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي شهرين جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي آندي وڃي. لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ قيصر سنديلو ۾ تيز هوا سان پيل برسات ۾ گهر جي اڱڻ تي راند کيڏڻ دوران کجيءَ جو وڻ ڪِرڻ سبب ٻه نينگريون 4 ورهين جي اسراءَ ڌيءَ شوڪت سنديلو ۽ 7 ورهين جي نينگري نفيسه سنديلو دٻجي سخت زخمي ٿي پيون، جن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي علاج دوران ٻئي نينگريون زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويون.کھڙا ۾ طوفاني برسات سبب غريب آباد محلي ۾ گھر جي ڇت جو اولو ڪرڻ سبب شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي بي ايس انگلش جي شاگردياڻي ۲۲ سالا امبرين عباسي دٻجي فوت ٿي وئي،قمبر ۾ طوفاني برسات شھر کي ٻوڙي ڇڏيو، شھر جي مک روڊن رستن بازارن توڙي محلن ۾ پاڻي تلاءَ جي صورت ۾ بيهجي ويو، ماڻھن کي شديد تڪليفن جو منهن ڏسڻو پيو، شھدادڪوٽ ۾ ھڪ ڪلاڪ جي برسات ميونسپل جي پت وائکي ڪري ڇڏي، شھر جي مين روڊن ڪوٽو موٽو چوڪ روڊ ٿاڻي وارو روڊ ڪورٽ روڊ ڳڙهي خيرو روڊ مستوئي محلا روڊ بگو دڙو روڊ سميت شھر جا سڀ روڊ پاڻي ھيٺ اچي ويا، سجاول جوڻيجو ۽ آسپاس ۾ برسات سبب گھٽين روڊن ۽ گهرن آڏو گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، جڏهن ته گندگي جا ڍير ٿي ويا، باقراڻي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ طوفاني برسات پوڻ سبب بجلي جو نظام درھم برهم ٿي ويو، پيرجوڳوٺ ۾ ڪوٽ مير محمد، پريالوءِ، صدرجي ڀٽيون، احمدپور، وڏا مهيسر، منگهنواري، وڏا ماڇيون ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو، برسات بعد بجلي بند ٿي وئي، ميھڙ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز طوفاني برسات کانپوءِ شهر جي مختلف روڊن ، دعا چوڪ ، ٻيٽو روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. 8 کان وڌيڪ فيڊر بند رھيا.