برسات سبب سنڌ جي 18 ضلعن ۾ ڦٽين، سارين، کجي کي 86.8 اربن جو نقصان پهچڻ جو اعتراف

سيپٽمبر 3, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ تازين برساتن سبب 5 لک 41 هزار 351 ايڪڙن تي بيٺل مختلف فصلن کي 86.86 اربن جو انڪشاف، زراعت کاتي جي اختيارين تازين برساتن کانپوءِ صوبي ۾ زراعت کي پهتل نقصانن جي سروي ڪرڻ بعد ڇرڪائيندڙ انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، ان حوالي سان زراعت واري صوبائي وزير محمد بخش مهر رپورٽ پڌري ڪندي چيو آهي ته تازين برساتن سبب سنڌ جي هارين کي 86.86 اربن جو نقصان ٿيو آهي، برساتن سبب 5 لک 41 هزار 351 ايڪڙ زمين تي بيٺل فصلن ۽ ڀاڄين کي نقصان پهتو آهي، رپورٽ موجب ته 2 لک 93 هزار 580 ايڪڙن تي بيٺل ڪپهه جي فصل ( ڦٽي)  کي نقصان پهتو آهي. جڏهن ته 35 هزار 271 ايڪڙ زمين تي بيٺل چانورن جي فصل ( سارين) کي مڪمل ۽ 2 لک 69 هزار 16 ايڪڙن تي بيٺل چانورن جي فصل کي جزوي نقصان پهتو آهي، رپورٽ موجب 53 هزار 195 ايڪڙن تي بيٺل کجيءَ جي فصل کي مڪمل ۽ 32 هزار 849 ايڪڙن تي مشتمل کجيءَ کي جزوي نقصان پهتو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ 26 هزار 382 ايڪڙ زمين تي بيٺل ڪمند جو فصل مڪمل تباھ ۽ 69 هزار 689 ايڪڙن تي پوکيل  فصل کي جزوي نقصان پهتو آهي. زراعت واري وزير محمد بخش مهر موجب صوبي ۾ غيرمعمولي برساتن سبب ڦٽي 21،  کجيءَ 41، ٽماٽي جي نرسري کي 3.4، ترن کي 22 ، بصرن کي 58  مرچن کي 12۽ ڀاڄين کي 18 سيڪڙو نقصان ٿيو آهي. صوبائي وزير موجب برساتن ۾ سنڌ جا 18 ضلعا گهوٽڪي، سکر، خيرپور، حيدرآباد، دادو، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالهيار،لاڙڪاڻو، شڪارپور، ٺٽو، سجاول، بدين، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، شهيد بينظير آباد، سانگهڙ متاثر ٿيا

Leave A Comment