سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات باوجود گرمي برقرار، 18ڄڻا هيٽ ويو سبب فوت

جُولاءِ 23, 2024

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات باوجود گرميءَ جي لهر برقرار، 18 ڄڻا گرميءَ جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾  گرمي جي سٽ نه سهڻ سبب 11 ڄڻا فوت ٿي ويا. سول اسپتال جي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ٿاڻن جي پوليس سمورا لاش لاوارث ڄاڻائي تدفين لاءِ ايڌي رضاڪارن حوالي ڪيا

ايڌي جي زونل انچارج معرج الدين قريشي ٻڌايو ته کين 4 لاش سول اسپتال معرفت مليا جڏهن ته حالي روڊ، اي سيڪشن ۽ نارا جيل معرفت هڪ هڪ لاش مليو. اهڙي ريت مارڪيٽ ۽ فورٽ ٿاڻن جي پوليس معرفت کين 2-2 لاش مليا آهن. هن چيو ته سمورن ماڻهن بابت کين ٻڌايو ويو آهي ته اهي گرمي جي سٽ نه سهڻ سبب فوت ٿيا آهن جن جا لاش شروعاتي طور ايڌي يونٽ منتقل ڪيا ويا جتان غسل ڪفن بعد تدفين مقامي قبرستان ۾ ڪئي وئي

ٻي طرف ڪڙيو گهنور ويجهو ڳوٺ حافظ عبدالله سمون ۾ 80 ورهين جو زيبو ڪولهي ۽ 65 سالن جو جيسي ڪولهي گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا، ٻن ڏينهن ۾ گرميءَ سبب فوت ٿي ويلن جو عورت سميت انگ 5 ٿي ويو. ڳوٺ حافظ عبدالله سمون ۾ 80 ورهين جو زيبو ڪولهي ۽ 65 سالن جو جيسي ڪولهي گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا

ان کان اڳ ڪڙيوگهنور شهر ۾ حجم جو ڪم ڪندڙ پورهيت 45 ورهين جو انور ٻٻر گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، ٻئي پاسي ڪڙيوگهنور جي المدينا ڪالوني ۾ 28 ورهين جي  عورت اعظميٰ ٻٻر گرميءَ سبب فوت ٿي وئي، جڏھن ته ڳوٺ بجاري شريف ۾ 30 ورهين جو ڌنار امير بخش مهيري به فوت ٿي ويو

هوڏانهن ميرپورخاص ۾ شديد گرمي ۽ ٻوسٽ سبب جھلوري واسي 47 ورھين جو عبدالقادر ولد منشي خان ريلوي اسٽيشن جي حد ۾ فوت ٿي ويو. ٻئي طرف ٺاروشاھ ڀرسـان ڳوٺ ميوو خان چانڊيـو واسـي 48 سالن جو عارب خان چانڊيو گـرمي جـي سٽ نه سھندي فوت ٿي ويو

هوڏانهن مٺي ويجهو ڳوٺ کارو بجير ڀرسان بئراجي علائقي مان مال ڪاهي ايندڙ اڌڙوٽ شخص ملوڪ ولد جڳو فوت ٿي ويو. هوڏانهن ٺٽي ضلعي ۾ گرميءَ جي شدت ۾ اضافي اچڻ ڪري ٺٽي ضلعي جي ڪوهستاني ڳوٺ حاجي ڦوٽو بروهي جو رهواسي وڏي عمر جو شخص حاجي بروهي گرميءَ جي سٽَ نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻئي طرف سانگهڙ جي ايس ايس پي آفيس ۾ ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار رکيل شاهه گرميءَ سبب فوت ٿي ويو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ميرپورخاص نوجوان فوت، تشدد جي تصديق

  • نينگري سان ڏاڍائي ڪوشش، جوابدار گرفتار

  • حيدرآباد : سنڌوءَ ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي ويو

  • سون سستو ٿي ويو