بدين شهر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، بيمارين منھن ڪڍيو، متاثرن جا ڌرڻا، روڊ بلاڪ
سيپٽمبر 6, 2024
بدين (رپورٽر) بدين شهر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، بيمارين منھن ڪڍيو، متاثرن جا ڌرڻا، روڊ بلاڪ، تفصيل موجب بدين شھر جي اڪثر علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، صديق ڪنڀار پاڙي جي متاثرن کوسڪي مين روڊ تي نادرا آفيس آڏو ٽائرن کي باھه ڏئي روڊ بند ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي فدا حسين مھراڻ پوٽو، پپو شيخ، ھدايت بليدي، استاد پرويز ۽ حسن کوسو چيو ته برساتي پاڻي گھرن ۾ بيٺل آهي پر انتظاميا ڪٿي به نظر نٿي اچي، ھوڏانھن يونين ڪائونسل عبدالله سومرو جي سوين رهواسين بدين-ٿرڪول مين روڊ تي ٽائرن کي باھه ڏئي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي چونڊيل ڪائونسلر منصور سومرو، علي محمد سومرو، مبارڪ، خميسو، نور محمد ۽ ٻين چيو ته برساتن وڏي تباھي مچائي آھي، زرعي زمينن سميت گھر ٻڏي ويا آھن، هنن چيو ته مسلسل پاڻي بيهڻ سبب بيمارين منھن ڪڍيو آھي، مريضن کي اسپتالن تائين نٿا پھچائي سگهون،هنن مطالبو ڪيو ته بدين شھر ۽ يونين ڪائونسل عبدالله سومرو جي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.