راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾سام ڇڏيل ناري جو پتو نه پيو، وارثن کي هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون

جُولاءِ 10, 2024

لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نادر ابڙو) راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ والدين طرفان سام طور ڇڏيل قمبر جي ڳوٺ ميڻا واسڻ  20 ورهين جي ثناءَ گراماڻي جو ڪو ڏس پتو پئجي نه سگهيو، ناري ثناءَ گراماڻي جي والد حاجي ديدار گراماڻي پنهنجي ڀاءُ امداد، پٽ منٺار ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته ٽي سال اڳ گهرو اڻبڻت جي ڪري مان پنهنجي نياڻي ثناءَ گراماڻي کي  سام طور راڻيپور درگاهه جي گادي نشين سهيل شاهه وٽ ڇڏي آيس، ڪيترائي ڀيرا نياڻي کي وٺڻ سهيل شاهه وٽ وياسين پر هن ڌيءُ واپس ڪرائڻ کان انڪار ڪندي مختلف بهانا ڪيا. هن چيو ته نياڻي جي بازيابيءَ لاءِ راڻيپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ سان گڏ سيشن ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪرائي، پوليس 3 سال کان نياڻي کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي. هن الزام لڳايو ته سهيل شاهه رياض مشوري معرفت ثناءَ گراماڻي جي اغوا ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڪيس داخل ڪرائڻ سان گڏ لاڳاپيل عدالت ۾ پٽيشنون داخل ڪرايون آهن. اسان مٿان 4 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن، اسان کي پوليس ذريعي دٻاءُ وجهي گرفتاريون ڪري وڌيڪ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.  هن چيو ته سهيل شاهه جي چرچ تي رياض مشوري قمبر جي فتح حيات ٿاڻي تي نثار، ديدار، امداد ۽ اظهار گراماڻي مٿان داخل ڪرايو، پوليس اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪئي.  هن چيو ته اهڙو نبيرو سهيل شاهه پاڻ، سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو وٽ ڪرايو جنهن ۾ هنن فتويٰ ڏني ته ثناءَ گراماڻي سيد سهيل شاهه جي حويلي مان گم ٿي آهي ۽ ان کي ظاهر به سيد سهيل شاهه ئي ڪندو جنهن تي به عمل ٿي نه سگهيو. اسين وس وارن کان گهر ٿا ڪيون ته اسان جي نياڻي ثناءَ گراماڻي کي بازياب ڪرائي سيد سهيل شاهه ۽ رياض مشوري خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Leave A Comment