يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ سان 25 هزار ملازم ڪيڏانهن ويندا: آصفه ڀٽو زرداري

سيپٽمبر 10, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ ميمبر آصفه ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جو معاملو اٿاريو، آصفه ڀٽو زرداري چيو ته بنا ڪنهن سبب جي وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪري رهي آهي، يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ سان 25 هزار ملازم بيروزگار ٿي ويندا، حڪومت اهو سوچيو ئي نه ته اهي 25 هزار ملازم ڪيڏانهن ويندا، صنعتن واري وفاقي وزير راڻا تنوير قومي اسيمبلي ۾ آصفه ڀٽو زرداري جي پڇيل سوال جي جواب ۾ وضاحت ڪندي چيو ته يوٽيليٽي اسٽورز کي بند نه پيا ڪيون، يوٽيلٽي اسٽورز کي ري اسٽرڪچر ڪري رهيا آهيون، واڳيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ بعد يوٽيلٽي اسٽورز جي ري اسٽرڪچرنگ ڪئي ويندي،آصفه ڀٽو زرداري وفاقي وزير راڻا تنوير جي يوٽيلٽي اسٽورز بند نه ڪرڻ واري بيان ۽ وضاحت جي آجيان ڪندي ٿورا مڃيا.

Leave A Comment