رانوتي پوليس جو مبينا مقابلو: 3 اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث جوابدار مارڻ جي دعويٰ، ڌرڻو
سيپٽمبر 10, 2024
اوٻاوڙو/رانوتي (نمائندن وٽان) رانوتي پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ 3 اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ، لاش نه ڏيڻ تي وارثن جو ڌرڻو، سندن چوڻ آهي ته پوليس نوجوان کي 3 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو، 10 لک رشوت نه ڏيڻ تي ڪوڙي مقابلي جو ڊرامو رچايو آهي، رانوتي پوليس موجب 6 هٿياربند 20 نمبر پڪٽ تي حملي جي ارادي سان بيٺل هئا ته ڳجهي اطلاع تي پهتل پوليس ۽ جوابدارن وچ مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار راحب رند مارجي ويو، جڏھن ته 5 جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، فرار ٿيل جوابدارن مٿان رانوتي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب مارجي ويل جوابدار ڪجهه مهينا اڳ رانوتي لنڪ روڊ تي ٽن پوليس اهلڪارن عبدالسميع سمون، عبدالحنان ملڪ ۽ شفيق گل جي قتل ۾ ملوث هو، جوابدار وٽان شهيد پوليس اهلڪارن جي سرڪاري رائيفل پڻ هٿ ڪئي وئي آهي، مٿس مختلف ٿاڻن تي اغوا ۽ ڦر جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن، مارجي ويل جوابدار راحب رند جو لاش تعلقا اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيو ويو، وارث لاش کڻڻ سول اسپتال پهتا ته پوليس لاش ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد وارثن قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، بعد ۾ سندن لاش حوالي ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ هو ته راحب رند کي رانوتي پوليس 3 ڏينهن اڳ رستي مان گرفتار ڪري کڻي وئي هئي، جنهن بعد ايس ايچ او عبدالشڪور لاکو اسان کان 10 لک گهريا هئا، اسان غريب هجڻ ڪري 10 لک نه ڏئي سگهياسين، جنهن ڪري هن ڪوڙي مقابلي ۾ همراهه کي ماري ڇڏيو، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جا جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.