رتوديرو ويجهو پراڻي دشمني تان ٻارڙَي سميت قتل ٿيل ٽن ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي

جُولاءِ 27, 2024

رتوديرو ويجهو پراڻي دشمني تان ٻارڙَي سميت قتل ٿيل ٽن ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، گذريل رات ڳوٺ بختيار ڪورڪاڻي ۾ جکراڻي ۽ ڪورڪاڻي برادرين جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 30 ورهين جو غلام فريد ڪورڪاڻي، 24 ورهين جو محبت ڪورڪاڻي ۽ 5 ورهين جو وسيم ڪورڪاڻي قتل ٿي ويا هئا، ايس ايس پي لاڙڪاڻو روحل کوسو ٽن ڄڻن جي قتل جو نوٽيس وٺندي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خصوصي ٽيم جوڙي ورتي، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او رتوديرو کان رپورٽ طلب، پوليس موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ 2016ع کان عورت جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هو، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو

Leave A Comment