رتيديري جي بائيڪ گرل طور مشهور ٿي ويل شاگردياڻي زينب زنگيجو پاران هر قيمت تي تعليم جاري رکڻ جو اعلان
مَي 11, 2024
رتيديري جي بائيڪ گرل طور مشهور ٿي ويل شاگردياڻي زينب زنگيجو پاران هر قيمت تي تعليم جاري رکڻ جو اعلان
موٽر سائيڪل تي سوار ٿي ڳوٺ زنگيجا کان تعليم پرائڻ لاءِ روز رتوديرو ايندڙ زينب زنگيجو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجا ارادا پهاڙ جيان اٽل آهن
5 مهينا اڳ ڳوٺ جي وڏيرن زينب زنگيجو جي تعليم پرائڻ ۽ موٽرسائيڪل هلائڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي سندس فصلن کي باهه ڏئي ڇڏي هئي، گذريل ڏينهن سردار علي نواز جلباڻي جي سرپينچي ۾ باهه لڳائيندڙ جوابدارن تي 5 لک ڏنڊ وڌو ويو هو
زينب زنگيجو جرڳي جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته اميد آهي ته آئنده مون کي پڙهائي ڪرڻ کان نه روڪيو ويندو