رتوديرو ۾ خوني تڪرار جو نبيرو، هڪ ڪروڙ 20 لک جلباڻين ۽ زمين گهوٽن کي ڏيڻ جي فتويٰ

اپريل 22, 2024

رتوديرو (رپورٽ: فرمان ڀٽو) رتوديرو ڀرسان ڳوٺ مسوديرو ۾ گھوٽا ڌر جي حبيب الله ۽ زاهد گھوٽو ۽ جلباڻي ڌر جي محمد عرس ۽ خدن جلباڻي ۾ زمين جي مسئلي تان شروع ٿيل خوني تڪرار ۾ قتل ٿي ويل ٻن ڄڻن جي خون ۽ زمين جو راڄوڻي نبيرو علي نواز جلباڻي جي سرپئنچي ۾ ٿيو

جنهن ۾ گھوٽا ڌر جي سردار علي نواز گھوٽو ، حاجي عبدالواحد جويو ، غلام مصطفيٰ ابڙو ۽ مولا بخش مهر مشيرن طور شرڪت ڪئي جڏهن ته جلباڻي ڌر پاران محمد امين بليدي ، مير بلاول ٿهيم ۽ محمد علي عمراڻي مشير هئا ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد فتويٰ ڏني وئي ته گھوٽا ڌر تڪراري زمين جا هڪ ڪروڙ 20 لک روپيه جلباڻين کي ادا ڪندا 28 جريب زمين گھوٽن حوالي ڪئي ويندي جڏهن ته ڌرين جا ٿيل خون خونن ۾ پاڙيا ويا

گھوٽا ڌر زمين جي مقرر ڪيل رقم جي پهرين قسط 30 لک روپيه هڪ مهيني ۾ جلباڻين کي ادا ڪندي جڏهن ته باقي رهيل رقم هڪ سال ۾ ڇهن ڇهن مهينن جي ٻن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي فيصلي بعد ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو ۽ خير جي دعا پڻ گھري وئي ياد رهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ زمين جي مامري تان خوني تڪرار شروع ٿيو هيو جنهن ۾ هڪ ڄڻو گھوٽا ڌر جو ۽ هڪ ڄڻو جلباڻي ڌر جو قتل ٿي ويا هئا.

خدن جلباڻي گهوٽن کي زمين ڏيڻ جي فتويٰ تي نبيري مان اٿي هلي ويو

رتوديرو:  فيصلي ۾ زمين گهوٽا ڌر حوالي ڪرڻ تي جلباڻي ڌر جي خدن جلباڻي فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري هليو ويو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي فيصلي جي امين سردار آغا علي نواز جلباڻي چيو ته خدن جذبات ۾ چيو آھي ته مان زمين نه ڏيندس باقي اسان فيصلي تي عمل ڪرائينداسين ۽ ڌرين کي فتويٰ تي پابند ڪرائينداسين.گهوٽا ڌر جي حبيب گهوٽو چيو ته اسان کي سردار علي نواز جلباڻي هڪ هفتي ۾ فتوا جي لکت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آھي. جلباڻي ڌر جي خدن عرف خدا بخش جلباڻي چيو ته مان زمين نه ڏيندس فيصلو قبول ناهي اسان سان ظلم ڪيو پيو وڃي.

شڪارپور باءِ پاس روڊ تي 28 جريب زمين تان ڌرين جو هڪ هڪ ماڻهو قتل ٿيو هو

رتوديرو: رتوديرو شڪارپور باءِ پاس روڊ تي 28 جريب زرعي زمين جي مالڪي تان گهوٽا ۽ جلباڻي ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار تان گهوٽا ڌر جو نوجوان مور گهوٽو ۽ جلباڻي ڌر جو قائم جلباڻي قتل ٿيا هئا

مقتول جلباڻي جي ڀاءُ فيصلو قبول ڪيو

رتوديرو: جلباڻي ڌر جي محمد عرس جو ڀاءُ تڪراري زمين تان قتل ٿي ويو هو، تنهن ڪري محمد عرس سرپئنچ علي نواز جلباڻي پاران ڪيل نبيري کي قبول ڪيو.گهوٽا ڌر جو به هڪ ماڻهو قتل ٿيو، تڪراري زمين جو علي نواز جلباڻي فيصلو ڪيو، محمد عرس قبول ڪيو، جڏهن ته خدن جلباڻي فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪيو

Leave A Comment