رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس پاران رينجرز سان گڏ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران 2 خطرناڪ ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ

جُون 19, 2024

رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس پاران رينجرز سان گڏ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران 2 خطرناڪ ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ، ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنا جو چوڻ آهي ته گڏيل ٽارگيٽڊ آپريشن دوران محب شر ۽ توڏو شر مارجي ويا، ٻئي ڌاڙيل ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو ۽ 2 ايس ايڇ اوز سميت 5 اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث هئا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 ڏوهاري زخمي به ٿي پيا، ايس ايس پي موجب مارجي ويل ڏوهارين مان محب شر جو لاش مليو آهي، مارجي ويل توڏو شر جو لاش سندس ساٿي ڌاڙيل کڻي ويا، مارجي ويل ڏوهارين وٽان اينٽي ايئر ڪرافٽ گن ۽ ٻيا هٿيار به هٿ آيا، ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنا جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڌاڙيل توڏو شر بدنام ڌاڙيل راحب شر جو سئوٽ هو، مارجي ويل حبيب شر ۽ توڏو شر ڊي ايس پي سميت 5 اهلڪارن جي شهادت ۽ ٻين وارداتن ۾ گهربل هئا، ڏيڍ سال اڳ ڌاڙيلن رائونتي جي ڪچي ۾ ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو، ايس ايڇ او عبدالمالڪ ڪمانگر ۽ دين محمد لغاري سميت 5 اهلڪارن کي شهيد ڪيو هو

Leave A Comment