راونتي جي ڪچي ۾ آپريشن: بدنام ڌاڙيل ثنو شر جي ڀاءُ سميت 2 ڌاڙيل مارجي ويا، 7 زخمي:پوليس پاران 2 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

مَي 5, 2024

سکر/راونتي/اوٻاوڙو(رپورٽرز) راونتي جي ڪچي ۾ سنڌ پنجاب دنگ وٽ آپريشن دوران بدنام ڌاڙيل ثنو شر جو ڀاءُ عالم شر ۽ نذير شر مارجي ويا، ڌاڙيل مٺو شر سوڌو 7 ڏوهاري زخمي ٿي پيا، پوليس پاران آپريشن دوران 2 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

 ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جا ڌاڙيلن جا ساٿي لاش کڻي فرار ٿي ويا، سکر پوليس موجب محمد اقبال ۽ رضوان کوسو کي بازياب ڪرايو ويو، ٻنهي کي 25 ڏينهن اڳ سائيٽ ٿاڻي جي حد مان اغوا ڪيو ويو هو، ڌاڙيل مغوين کي ڪچي جي علائقي شاهه ٻيلي کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا

رحيم يار خان پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن خلاف پوليس جي ڪارروائي ۾ بگٽي برادري جا رضاڪار به شامل آهن، گهوٽڪي ۽ راجنپور جي پوليس کي به ڪچي ۾ طلب ڪيو ويو

آءِ جي پنجاب عثمان مروت چيو آهي ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ رينجرز کان مدد ورتي پئي وڃي، سنڌ پوليس به پنجاب پوليس جو زبردست ساٿ ڏنو آهي، رضاڪارن کي آپريشن ۾ شامل نه ڪيو ويندو آهي، پوليس جا خبري هر هنڌ هوندا آهن، جِن کان سي ٽي ڊي به مدد وٺندي آهي

Leave A Comment