سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ترميمن جو پڙاڏو، فاشزم جي ماحول ۾ معاملا اڳتي نه وڌندا: اپوزيشن

آڪٽوبر 19, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ آئيني ترميمن جو پڙاڏو، ميمبرز مٿان دٻاءُ وجهڻ وارو معاملو به اٿاريو ويو، قومي اسيمبلي ۾ ڪالھه ٻئي ڏينهن تي به عدالتي سڌارن واري ترميمي بل  تي بحث جاري رهيو

پيپلزپارٽي جي راجا پرويز اشرف ڳالهائيندي چيو ته عدالتي سڌارا آئين ۾ ترميم سان ئي اچي سگهن ٿا، آئين ۾ ترميم جو حق رڳو پارليامينٽ جو حق آهي، ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت باوجود ذوالفقار علي ڀٽي اتفاق راءِ پيدا ڪيو. آصف علي زرداري پارليامينٽ  کي اختيار ڏنو، چيف جسٽسز حڪومتن لاءِ رڪاوٽون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، وزيراعظم کي گهر موڪليو ويو، جڏهن چيف جسٽس گرفتاري جو حڪم ڏنو ته مان آفيس ۾ هئس، ججز ان وقت تائين ڪم ناهن ڪندا جيستائين مخصوص چينلن جا ماڻهو موجود ناهن هوندا. هڪ جج ڊيم ٺاهڻ شروع ڪيو

سڌارا ضروري آهي، عامر ڊوگر چيو ته انتظار پنجوٿا ڏهن ڏينهن کان گم آهي، فاشزم جي هن ماحول ۾ توهان چئو ٿا ته معاملا اڳتي هلڻ گهرجن. هن چيو ته قاضي فيض عيسيٰ 24 آڪٽوبر تي رٽائر ٿي رهيو آهي جسٽس منصور علي شاهه کي چيف جسٽس بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي،اسان جا ايم اين ايز خوف کان لڪي رهيا آهن. ترميمن جو مقصد عدليه کي ايگزيڪيوٽو جي ماتحت ڪرڻ آهي. سپريم ڪورٽ هارس ٽريدنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

جميعت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري ڳالهائيندي چيو ته هڪ طرف ڳالهيون ۽ ٻئي طرف ماڻهن کي کنيو پيو وڃي. هي ظلم ۽ فاشزم جي انتها آهي. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه سڙي رهيا آهن، هر طرف تباهي آهي

هوڏانهن سينيٽ ۾ سينيٽر طلال چوڌري چيو ته پارليامينٽ کي قانونسازي کان ڪير به نٿو روڪي سگهي، سپريم ڪورٽ هن ئي پارليامينٽ مان جنم ورتو آهي. جڏهن ته اطلاعات کاتي جي وزير جي تقرير دوران مخالف ڌر جي ميمبرن احتجاج ڪيو

طلال چوڌري چيو ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڪو ادارو پارليمينٽ سامهون بيهڻ چاهي ٿو. عدليه ۾ گروپ بندي جو تاثر مضبوط ٿيو آهي، مخصوص سيٽن جو فيصلو نه ٿيڻ سان قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ نامڪمل آهي. سپريم ڪورٽ جي وضاحت ان جي فيصلي کي وڌيڪ تڪراري ڪري ڇڏيو آهي، وضاحت سان هڪ جماعت کي مبينا طور تي فائدو ڏنو پيو وڃي. اهڙي فيصلن سان ججز پاڻ تڪراري ٿي رهيا آهن. اِن فيصلي تي مان احتجاج ڪريان ٿو. پارليامينٽ جي قانونسازي ۾ ڪا وضاحت يا فيصلو رڪاوٽ نٿو بڻجي سگهي

Leave A Comment