باغي ميمبر جو ووٽ ڳڻيو ويندو: سپريم ڪورٽ پاران آرٽيڪل 63 اي تشرح فيصلو ڪالعدم قرار: پي ٽي آءِ جو بائڪاٽ

آڪٽوبر 4, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسيمبلي ميمبر  پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏئي سگهندو ۽ اُن کي ڳڻيو به ويندو، سُپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اَي ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، نظرثاني اپيلون اتفاق راءِ سان منظور ڪيون ويون، سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اَي ڪيس ۾ فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جو مختصر حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ نظرثاني جون درخواستون منظور ڪندي چيو ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ ڏنو ويندو، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ فيصلو ڏيندڙ 5 رڪني بينچ ۾ جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس امين الدين ۽ جسٽس مظهر عالم شامل هئا، پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر پي ٽي آءِ باني کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي ٻڌڻيءَ جو بائيڪاٽ ڪيو، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو چوڻ وارو جج ڪير  هوندو آهي ته ڪو ميمبر منحرف ٿيو آهي؟ پارٽي سربراهه جو اختيار آهي ته هو ڪنهن جي منحرف ٿيڻ جو ڊڪليئريشن ڏئي يا نه ڏئي، اسيمبلي جا ميمبر يا سياسي جماعتون ڪنهن جج يا چيف جسٽس جي ماتحت نه هونديون آهن،  چيف جسٽس چيو ته ڇا ڪو جج حلف کڻي چئي سگهي ٿو آئين جي هِن شق سان خوش نه آهيان، هر آمر چوندو آهي ڪرپٽ ميمبرز، اسيمبلي ۽ ايوان کي ختم ڪري ڇڏيندو، سڀ ملٽري رِجيم کي جوائن ڪندا آهن، پوءِ جهوريت جو راڳ شروع ٿي ويندو آهي، جمهوريت اِنڪري ڊي ريل ٿيندي آهي جو هي عدالت غلط قدمن جي توثيق ڪندي آهي، مارشل لا لڳي ته سڀ رٻڙ اسٽيمپ بڻجي ويندا آهن.  جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته ڪالهه هتي چيو ويو ته پي ٽي آءِ خلاف فيصلو ڏئي ڏيکاريو، ڇا ائين ڊيڄاري ڌمڪائي فيصلو وٺندا؟ چيف جسٽس چيو ته دنيا جي ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ ووٽ نه ڳڻڻ جو قانون نه آهي، اميد آهي هڪ ڏينهن اسان به ميچوئر جمهوريت بڻجي وينداسين، عدالتي معاون طور دليل ڏيندڙ علي ظفر چيو ته جيڪي ڪجهه ٻاهر هلي رهيو آهي مان ان تي اکيون ٻوٽي نه ٿو سگهان، چيف جسٽس چيو ته مان اندر جي ڳالهه ٻڌائي رهيو آهيان، اندر ڪجهه به نه پيو هلي. پي ٽي آءِ باني جي وڪيل بئرسٽر علي ظفر آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻيءَ جو بائيڪاٽ ڪيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ٻڌڻي شروع ڪئي ته وڪيل علي ظفر عدالت کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿي وئي آهي، پي ٽي آءِ باني پاڻ وڊيو لنڪ تي پيش ٿيڻ جي استدعا ڪئي آهي، چيف جسٽس چيو ته علي ظفر صاحب توهان بنا جواز قسم جي استدعا ڪري رهيا آهيو، بئرسٽر علي ظفر چيو ته مان پي ٽي آءِ باني پاران ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو، چيف جسٽس چيو توهان آفيسر آف ڪورٽ آهيو، 5 منٽ ضايع ٿي چڪا، علي ظفر چيو ته پي ٽي آءِ باني جو چوڻ آهي ته بينچ جي جوڙجڪ درست نه آهي، حصو نه بڻجنداسين، پي ٽي آءِ باني کي اجازت نه ڏيندا ته پيش نه ٿينداسين، حڪومت ڪجهه ترميمون آڻڻ چاهي ٿي، چيف جسٽس چيو ته توهان سياسي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهيو ته جيئن سڀاڻي سرخي لڳي، علي ظفر چيو ته اڄ به اخبار جي سرخي آهي ته آئيني ترميم 25 آڪٽوبر کان اڳ لازمي آهي، چيف جسٽس چيو ته اسان کي ان ڳالهه جي خبر نه آهي، علي ظفر چيو ته حڪومت آئيني ترميم آڻي رهي آهي، تاثر اهو آهي ته عدالت هارس ٽريڊنگ جي اجازت ڏيندي، چيف جسٽس چيو ته اسان ان تي توهين عدالت لڳائي سگهون ٿا، اسان توهان جي عزت ڪيون ٿا توهان اسان جي عزت ڪيو، هارس ٽريڊنگ جو چئي توهان وڏو ڳرو بيان ڏئي رهيا آهيو، هارس ٽريڊنگ ڇا ٿيندي آهي اسان توهان کي ٻڌايو ته توهان کي شرمندگي ٿيندي، علي ظفر چيو ته آرٽيڪل 63 اي جو فيصلو هارس ٽريڊنگ کي روڪي ٿو، چيف جسٽس چيو ته عدالتن کي مذاق بڻائڻ بند ڪيو، علي ظفر چيو ته جيڪڏهن توهان ڪيس جو فيصلو ڏيو ٿا ته مفادن جو ٽڪراءُ ٿيندو، چيف جسٽس چيو ته توهان جيڪو ڳالهائي رهيا آهيو اهو نه ٻڌنداسين ۽ نه رڪارڊ جو حصو بڻائينداسين، علي ظفر عدالتي ٻڌڻيءَ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس چيو ته توهان کي عدالتي معاون مقرر ڪيون توهان کي اعتراض ته نه آهي، علي ظفر چيو ته ڪو اعتراض نه آهي، عدالتي معاون طور دليل ڏيندس، سپريم ڪورٽ علي ظفر کي عدالتي معاون مقرر ڪيو. سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس جو مختصر فيصلو جاري ڪيو ، آرٽيڪل 63 اي تشريح فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ سان اسيمبلي ميمبرز پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏئي سگهندا ۽ اهو ووٽ ڳڻيو به ويندو، وزيراعظم، وڏن وزيرن جي چونڊ، بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ، آئيني ترميم تي ووٽنگ ۽ بجيٽ ۾ ميمبرز پاران ووٽ ڏنو ويندو آهي.  واضح رهي ته 17 مئي 2022ع تي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ فيصلي ۾ قرار ڏنو هو ته باغي ميمبر جو ووٽ نه ڳڻيو  ويندو ۽ اهڙي ميمبر جي نا اهلي جو مدو پارليامينٽ تعين ڪندي، اهو فيصلو 2/3 جي اڪثريت سان ٻڌايو ويو هو، اڳوڻي صدر عارف علوي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ ريفرنس موڪليو  هو.

Leave A Comment