تازي دهشتگردي ۾ ڀارت ملوث قرار: بلوچستان جو سياسي مسئلو نه پر “را” جي فنڊنگ جو آهي: سرفراز بگٽي

سيپٽمبر 2, 2024

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي وزيراعليٰ سرفراز بگٽي بلوچستان ۾ تازي دهشتگرديءَ ۾ ڀارت کي ملوث قرار ڏيندي چيو آهي ته بلوچستان جو ڪو سياسي مسئلو ناهي، هي را جا فنڊڊ مسئلا آهن. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آئين کي مڃيندڙن سان ڳالهيون ٿين ٿينديون، جيڪي شهرين کي مارين ٿا انهن جو پيڇو ڪنداسين. هن چيو ته دهشتگردن کي ڪاوڙيل بلوچ نه چيو وڃي. بلوچستان ۾ دهشتگردي را جي فنڊن سان ٿي رهي آهي. حملي جون پاڙون ڀارت ڏانهن وڃن ٿيون. حملن جو مقصد پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ آهي. هن چيو ته فوجن سان گڏجي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺنداسين. اهي حملا پاڪستان کي سياسي طور ڪمزور ڪرڻ ۽ سي پيڪ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ آهن. هن چيو ته پاڪستان خلاف سازش ٿي رهي آهي، دهشتگردي ذريعي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. دهشتگردن جو ڪو قوم قبيلو ناهي هوندو. دهشتگردن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. دهشتگرد معصوم شهرين تي حملا ڪندا آهن. شهيدن جو رت رائگان نه ويندو. ڪنهن کي زبردستي پنهنجو نظيريو مڙهڻ نه ڏينداسين. آئين کي مڃنيندڙ سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.  هن چيو ته سنڌ پنجاب ۾ آپريشن ٿئي ته چيو ويندو آهي ڪچي ۾ آپريشن ٿي رهيو آهي، بلوچستان بابت ايئن ڇو نٿو چيو وڃي.

Leave A Comment