وياج نظام ختم ڪرڻ جي سفارش، بجلي چوري ۽ لوڊشيڊنگ جو اعتراف، اُجرت 32 هزار ڪرڻ جو ٺهراءَ منظور
اپريل 24, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ھيٺ ٿيو، ڪراچيءَ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ اضافي بلن متعلق نبيل گبول، شرميلا فاروقي ۽ ٻين توجھ ڏياريو نوٽيس پيش ڪيو. نبيل گبول چيو ته ڪراچيءَ ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رھي آھي. اضافي بل اماڻيا پيا وڃن. توانائي واري وفاقي وزير پاران لوڊشيڊنگ ٿيڻ جو اعتراف. مصطفي ڪمال ۽ علي محمد خان چيو ته آئين موجب وياج وارو نظام ختم ڪيو وڃي، 91 سال ٿي ويا آھن پر وياج ختم ناھي ٿي سگھيو، وياج وارو نظام اللھ ۽ رسول سان کلي جنگ آھي. قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ھيٺ ٿيو، ڪراچي خاص ڪري لياري ۾ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ اضافي بلن متعلق نبيل گبول، مرزا اختيار بيگ، اسد عالم نيازي، شرميلا فاروقي توجھ ڏياريو نوٽيس پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير توانائي اعتراف ڪندي چيو ته ڪراچي جي اعظم بستي جي ٽن فيڊرز تي روزانو 10 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ 38.3 سيڪڙو لاسز سبب ٿي رھي آھي. ڪي اليڪٽرڪ کان علاوه سنڌ جي ٻين ڊسڪوز ۾ بجلي چوري، لاسز کي روڪڻ جي لاءِ ايندڙ ھفتي ڪراچي وڃي سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪندس. وفاقي وزير توانائي اويس قادر لغاري چيو ته لياري جا 82 فيڊرز آھن، جن ۾ 31 فيڊرز تي ڪا لوڊشيڊنگ نه ٿي رھي آھي، استعمال ٿيندڙ بجلي جو صرف 15 سيڪڙو بلن جي صورت ۾ واپس ايندو آھي. ڪراچي ۾ 71 سيڪڙو علائقن ۾ بجلي لوڊشيڊنگ ناھي، مجموعي طور تي 270 فيڊرز تي 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ٿي رھي آھي. نبيل گبول چيو ته وزير توانائي بلڪل غلط بريفنگ ڏني آھي، ڪراچي ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رھي آھي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ معاشي صورتحال تي بحث جي لاءِ ايم ڪيو ايم مصطفيٰ ڪمال، آسيه اسحاق تحريڪ پيش ڪئي. مصطفي ڪمال ڳالھائيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 38 ايف ۾ لکيو ويو آھي ته وياج جي نظام کي ختم ڪيو وڃي. آئين کي ٺھي 91 سال ٿي ويا آھن پر وياج ختم ناھي ٿيو. ھي اللھ ۽ رسول سان کلي جنگ آھي. قومي اسيمبليءَ جي ميمبر علي محمد ان چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح معاشي اصولن ۽ انصاف جي ڳالھ ڪئي ھئي، وياج اللھ ۽ رسول سان جنگ آھي، اسان کي اِن نظام ختم ڪرڻو پوندو. ايوان فيصلو ڪري ته وياج ختم ڪرڻو آھي. ھي ايوان ھڪ خصوصي ڪميٽي جوڙي جنھن ۾ ان مسئلي جو فيصلو ٿئي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته شريعت ڪورٽ ان حوالي سان فيصلو ڪيو آھي ۽ ان تي عمل ٿي رھيو آھي. بينڪن جون ڪافي برانچون ان نظام تي منتقل ٿي چڪيون آھن، عمل درآمد لاءِ وقت پنج سال جو آھي. اسان اِن ڊائريڪشن ۾ وڃي رھيا آھيون. ناڻي وزير چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ بلند ترين سطح تي آھي، آءِ ايم ايف ورلڊ بينڪ سان معاھدا ڪيا. سمورا ملڪ پاڪستان جي معاشي ڪاميابي چاھين ٿا، ايگريڪلچر جي ڊي پي پنج سيڪڙو تي وڌي رھي آھي. زراعت ۽ آءِ ٽي ۽ زراعت کي ڪھڙي سھولت ڏيڻي آھي اھو اسان تي منحصر آھي. ھن سال 3.3 بلين ڊالرز جي سافٽ ويئر ايڪسپورٽ ٿيندي. ماڻھو کي ٽيڪس ڏيڻا پوندا. ان کان سواءِ ٻيو ڪو حل ناھي، حڪومت جي نگراني ھيٺ 70 کان 80 ادارا خساري ۾ ھلي رھيا آھن، ملڪ جو وڌيڪ خسارو برداشت نٿو ڪري سگھجي، اسان کي پنھنجي برآمدات وڌاڻيون آھن. 25 سيپٽمبر تائين انفليش ريٽ پنج کان ست سيڪڙو تائين ٿي ويندو. اھڙي طرح پاليسي ريٽ ۾ به گھٽتائي ٿيندي. ٻئي طرف قومي اسيمبليءَ ۾ ڀارت پاران پاڪستان جي آبي حقن تي جارحيت متعلق زرتاج گل توجھ ڏياريو نوٽيس پيش ڪيو. قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته 1960 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ انڊس واٽر ٽي ٽي ٿي، جنھن تحت راوي، بياس ۽ ستلج دريا تي ڀارت جو حق تسليم ڪيو ويو ۽ چناب، جھلم ۽ سنڌو درياءَ تي پاڪستان جو حق تسليم ٿيو. بگليھار ڊيم جي لاءِ معاملا ٽيڪنيڪل ايڪسپرٽ وٽ ويو، درياءِ راوي جي پاڻي جي استعمال جو حق ڀارت جو آھي. ان تي پاڪستان احتجاج نٿو ڪري سگھي. زرتاج گل چيو ته قانون وارو وزير چئي رھيو آھي ته اسان جو حق ناھي، ان جي بيان تي افسوس ٿيو آھي. ھِتي پرڏيھي وزير کي ھجڻ گھرجي ھا جيڪو اِن مسئلي تي ڳالھائي ھا. ڀارت کي اسان نوٽيس اماڻيا ھئا. جنھن تي قانوني واري وزير چيو ته خدا جي واسطي گھٽ ۾ گھٽ قانوني معاملن تي ته سياست نه ڪيو. ڀارت انڊس واٽر ٽي ٽي مان نڪرڻ چاھي ٿو، پر ٻنھي ملڪن جي رضامندي سان ائين ٿي سگھي ٿو. ھن فورم تي رڪارڊ مطابق ڳالھ ڪرڻ گھرجي. هوڏانهن تحريڪ انصاف جي حمايت يافته ميمبر علي محمد خان ۽ جي يو آءِ جي ميمبر مولانا عبدالغفور حيدري ۾ منھن ماري ٿي پئي، علي محمد خان مغفرت لاءِ دعا ڪرائي ته مولانا عبدالغفور حيدري کيس چيو ته دعا ناھي ايندي ته سکي وٺو، جنھن تي علي محمد خان چيو ته ھن دعا ۾ مومنن جو لفظ استعمال ڪيو آھي. جيڪو مولانا عبدالغفور حيدري تي به لڳندو آھي. مون ان کي مومن سمجھو پر خبر ناھي ھو پنھنجي پاڻ کي مومن سمجھندو آھي يا نه. علي محمد خان جي يو آءِ تي وياج جي خاتمي ۾ ڪردار ادا نه ڪرڻ جو به الزام لڳائي ڇڏيو. ٻئي طرف ھارين کي ڪڻڪ جي گھٽ قيمت ملڻ ۽ مزدور کي گھٽ مان گھٽ اُجرت 32 ھزار نه ملڻ خلاف حڪومت ۽ مخالف ڌر جو سخت ردعمل سامهون آيو، گھٽ ۾ گھٽ اُجرت 32 ھزار تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ قرارداد منظور ڪئي وئي. خوراڪ کاتي واري وزير کان قومي اسيمبليءَ ۾ جواب گھريو ويو.