ڪورونا دوران ڀرتي 4502 ملازمن کي پڪو ڪرڻ جون تياريون: 2957 ملازمن جي ويريفيڪشن مڪمل
آگسٽ 21, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪورونا وبا دوران 89 ڏينهن جي عارضي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل 4502 ملازمن کي پڪو ڪرڻ جون تياريون، 2957 عارضي ملازمن جي فزيڪل ويريفيڪشن مڪمل، ڊي جي صحت پاران 1545 ملازمن جي فزيڪل ويريفڪيشن مڪمل نه ڪرڻ جو اعتراف، عارضي ملازمن کي پڪو ڪرڻ لاءِ سندن فزيڪل ويريفڪيشن سميت سروس رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ بابت رپورٽ سيڪريٽري صحت حوالي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب صحت کاتي جي اختيارين پاران ڪورونا وبا دوران ڊاڪٽرن، نرسن، ڊيٽا انٽري آپريٽرن، والنٽيئرس توڙي ٻين ٽيڪنيڪل پوسٽن تي 89 ڏينهن جي عارضي ڪانٽريڪٽ تي صوبي جي مختلف ضلعن ۾ ڀرتي ڪيل 4 هزار 502 ملازمن کي پڪو ڪرڻ جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن، جڏهن ته ڊي جي صحت پاران اڃا تائين رڳو 1545 ڪانٽريڪٽي ملازمن جي فزيڪل ويريفيڪشن مڪمل نه ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ڊي جي صحت پاران ڄاڻايل عارضي ملازمن کي پڪو ڪرڻ واري عمل ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت تفصيلي رپورٽ سيڪريٽري صحت حوالي ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صوبي جي مختلف ضلعن ۾ مقرر 4502 مان رڳو 2957 عارضي ملازمن جي اسڪروٽني مڪمل ڪئي وئي آهي، رپورٽ موجب ڄاڻايل ملازمن کي پڪو ڪرڻ لاءِ سندن نوڪرين بابت لاڳاپيل پوسٽنگ واري هنڌان پڻ رڪارڊ ورتو ويو آهي، ڊي جي صحت رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته عارضي ملازمن کي جون 2024ع تائين 600 رپيا روزانو جي بنياد تي پگهارون به ڏنيون ويون آهن، ڊي جي صحت موجب جن ملازمن جي فزيڪل ويريفڪيشن مڪمل ڪئي وئي آهي، انهن ۾ 96 ميڊيڪل شاگرد، 535 نرسنگ شاگرد، 971 ڊيٽا انٽري آپريٽر ۽ 1355 والنٽيئرس شامل آهن. ٻئي پاسي سيڪريٽري صحت پاران سمورن ضلعن جي ڊي ايڇ اوز کي ڪورونا وبا دوران عارضي بنيادن تي ڀرتي ٿيل ڪانٽريڪٽي ملازمن جي فزيڪل ويريفڪيشن مڪمل ڪري جلد رپورٽ ڊي جي صحت حوالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سيڪريٽري صحت ڊي ايڇ اوز کان فزيڪل ويريفڪيشن مڪمل نه ڪري سگھڻ جو جواز به طلب ڪيو آهي.