ايران جي صدارتي چونڊن ۾ سڌارا پسند اڳواڻ مسعود پزيشڪيان ڪامياب
جُولاءِ 6, 2024
ايران جي صدارتي چونڊن ۾ سڌارا پسند اڳواڻ مسعود پزيشڪيان ڪامياب، مسعود پزيشڪيان پنهنجي حريف ۽ سخت گير اڳواڻ سعيد جليلي کي شڪست ڏئي ايران جو صدر چونڊجي ويو
ايراني اليڪشن هيڊڪوارٽر موجب چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ 3 ڪروڙ ماڻهن ووٽ ڪاسٽ ڪيا، هڪ ڪروڙ 63 لک کان وڌيڪ ماڻهن مسعود پزيشڪيان کي ووٽ ڏنو
سعيد جليلي هڪ ڪروڙ 35 لک کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا، 28 جون تي ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ڪو به اميدوار 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ نه کڻي سگهيو هو، جنهن بعد صدارتي چونڊن جو ٻيو مرحلو 5 جولاءِ تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو
ايران ۾ صدارتي چونڊون 2025 ۾ رٿيل هيون، پر مئي ۾ صدر ابراهيم رئيسي جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ بعد صدارتي چونڊون هڪ سال اڳ ڪرايون ويون
مسعود پزيشڪيان ڪير آهي؟
69 سالن جو مسعود پزيشڪيان هارٽ سرجن آهي جيڪو ٻي اصلاح پسند حڪومت ۾ صحت ۽ طبي تعليم جو وزيرهو، 5 ڀيرا ايراني پارليامينٽ جو ميمبر ۽ هڪ ڀيرو نائب صدر رهيو
مسعود پزيشڪيان ايران جي علائقي مهاآباد ۾ پيدا ٿيو، ايران جي اسلامي انقلاب کان اڳ طبريز يونيورسٽي ۾ طب جي تعليم حاصل ڪئي
مسعود پزيشڪيان 1994ع ۾ هڪ ڪار حادثي ۾ پنهنجي زال ۽ هڪ ٻار جي موت جو شڪار ٿي ويو، پنهنجي زال جي موت کان پوءِ هن ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءَ جي پرورش ڪئي ۽ ٻي شادي نه ڪئي
واضح رهي ته ايران جي صدارتي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ 4 اميدوارن مان ڪو به 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو هو. پهرين مرحلي ۾ ووٽنگ ٽرن آئوٽ 28 جون تي ٿيندي 40 سيڪڙو 1979 کان وٺي سڀ کان گهٽ ٽرن آئوٽ رهيو