مخصوص سيٽون: پارلياماني قانون يا عدالتي فيصلي تي هلون: اليڪشن ڪميشن جو سپريم ڪورٽ سان رابطو

سيپٽمبر 27, 2024

اسلام آباد (بيورو  رپورٽ) مخصوص سيٽن بابت پارليامينٽ جي قانون تي عمل ڪيون يا سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي؟ اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ بابت وضاحت لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، اليڪشن ڪميشن پاران سپريم ڪورٽ ۾ وضاحت لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي، اليڪشن ترميمي ايڪٽ اچڻ بعد عدالتي فيصلي تي رهنمائي ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 12 جولاءِ واري فيصلي تي جڏهن وضاحت لاءِ چيو ويو هو ته ان وقت نئون ايڪٽ موجود نه هو، پارليامينٽ اليڪشن ترميمي ايڪٽ جي صورت ۾ نئون قانون بڻائي ڇڏيو آهي، ٻڌايو وڃي ته پارليامينٽ جي قانون تي يا سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪيون. درخواست ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن سان ڊي نوٽيفاءِ ٿيندڙ ميمبرز به ترميمي قانون تي عمل لاءِ رابطو ڪيو، عدالتي فيصلي تي 39 ميمبرز جي حد تائين اليڪشن ڪميشن عملدرآمد ٿي چڪو آهي، اسپيڪر قومي اسيمبلي خط لکيو ته عدالتي فيصلي بعد اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ٿي، قانون ماضي کان لاڳو ڪيو ويو آهي.

Leave A Comment