جيڪب آباد۾ برسات متاثرن جي ٻيهر آبادڪاري اين جي او حوالي،سوا لک گهرن جي تعمير رولڙي جو شڪار

جُون 26, 2024

جيڪب آباد(رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ضلعي ۾ 2022ع جي برساتن دوران روينيو جي سروي مطابق 2 لک 50 هزار کان وڌيڪ گهر متاثرن باوجود سنڌ حڪومت پاران سرسو کي هڪ لک 12 هزار 411 گهرن جي تعمير جو مليل ٽارگيٽ رولڙي جو شڪار، برسات متاثرن جو گهر ٺاهي نه ڏيڻ خلاف عدالت درخواست خبر موجب 2022ع جي برساتن ۾ ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪيترائي گهر متاثر ٿيا هئا روينيو کاتي پاران ڪرايل سروي ۾ پوري ضلعي ۾ 2 لک 50 هزار کان وڌيڪ گهر متاثر نڪتا هئا جڏهن ضلع انتظاميا پاران سروي ڪيل انگ سنڌ حڪومت ڏانهن موڪليا ويا هئا جنهن کانپوءِ سنڌ سرڪار پاران جيڪب آباد ضلعي ۾ هڪ لک 12 هزار 411 گهرن جي تعمير جو منظوري ڏني وئي هئي جيڪي گهرن جي تعمير سنڌ پيپلز هائوسنگ فيلڊ افيڪٽي پاران سماجي تنظيم سرسو جي حوالي ڪيو ويو سرسو پاران ٻن سالن دوران گهرن جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿيڻ بدران رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي سرسو پاران 33 هزار گهرن جي تعمير لاءِ پهرين قسط جاري ڪئي وئي آهي جنهن مان 8 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻھن گهر ٺهرائڻ بدران پئسا کائي ھڙپ ڪيا ويا آهن جڏهن ته هن مهل تائين سرسو صرف 8 هزار گهر مڪمل ڪري ورتا آهن سرسو جي گهر تعمير ۾ رولڙي جو شڪار هئڻ ۽ ٻوڏ متاثرن کي گهرن جي قسط نه ملڻ خلاف ٻوڏ متاثر پاران پنهنجي وڪيلن غلام حسين شاهه، محمد نواز رند زاهد حسين بروهي معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سرسو پاران من پسند ماڻهن کي گهرن جي تعمير لاءِ قسط ڏنا ويا آهن ٻه سال گذري وڃڻ باوجود اسان جي گهرن جا نالا شامل ناهن ڪيا ويا آهن جڏهن ته عدالت پاران سرسو خلاف داخل درخواستن تي اينٽي ڪرپشن کي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي اينٽي ڪرپشن پاران سرسو اختيارين کان رڪارڊ جي گهر ڪئي وئي جيڪا اڃان تائين انهن کي مهيا ناهي ڪئي وئي ان سلسلي ۾ سرسو مينيجر ارشاد لاشاري ٻڌايو ته سنڌ پيپلز هائوسنگ فيلڊ افيڪٽي پاران ضلعي ۾ هڪ لک 12 هزار 411 گهرن جي تعمير ڪرائڻ جو ٽارگيٽ ڏنو ويو آهي جنهن گهرن جي تعميراتي ڪم هلي رهيو آهي هن مهل تائين 33 هزار ماڻھن کي بينڪ ذريعي قسط جاري ڪئي وئي 8 هزار گهر مڪمل ڪيا ويا آهن هن چيو ته ڪجهه ٻوڏ متاثر پهرين قسط وٺڻ کانپوءِ ڊفالٽر ٿي ويا آهن انهن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو ان سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن عملدار ٻڌايو ته سرسو خلاف عدالتي حڪم تي جاچ شروع ڪئي وئي آهي سرسو اختيارين کان بينيفشريز جو رڪارڊ گهريو ويو جيڪا نه مليو آهي رڪارڊ مهيا ڪرڻ لاءِ ٻيهر ريمانڊر ڪرايو ويندو.

ڳڙهي خيرو واسي ٻوڏ متاثر سروي ۾ شامل نه ڪرڻ تي هاءِ ڪورٽ پهتل

جيڪب آباد: ڳڙهي خيرو جي ديهه جعفرآباد جي رهواسين جا نالا سياسي بنيادن تي شروع واري سروي ۾ شامل نه ڪيا ويا هئا جنهن تي عبدالرحمٰن بليدي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي لاڙڪاڻي سرڪٽ بئنچ ۾ ضلعي انتظاميا خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي لاڙڪاڻي هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود عبدالرحمٰن بليدي جي ڳوٺ جا نالا اڃان تائين شامل نه ٿي سگهيا آهن ان سلسلي ۾ عبدالرحمٰن بليدي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جا 17 گهر جيڪي سياسي بنيادن تي سروي ۾ شامل نه ٿي سگهيا هئا لاڙڪاڻي هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي هاءِ ڪورٽ ڊي سي جيڪب آباد کي نالا شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر اڃان تائين به اسان جا نالا شامل نه ٿي سگهيا آهن سرسو جو مينيجر ارشاد لاشاري آسرا ڏئي رهيو آهي ته اوهان جي ڳوٺ وارن جا نالا سنڌ پيپلز هائوسنگ فيلڊ افيڪٽي کي موڪليا ويا آهن اتان اپرول ٿي ايندا پر هن مهل تائين ڪجهه ناهي ٿيو

گهرن جي تعمير لاءِ قسط جا پئسا نه ٿا ڏنا وڃن: ٻوڏ متاثر

جيڪب آباد: برسات متاثر نصير احمد سرڪي، عبدالصمد کوسو، رسول بخش، عبدالمجيب، عبدالقادر دانهيندي چيو ته سروي کانپوءِ اسان جا نالا اچي ويا آهن ان باوجود اسان کي گهرن جي تعمير لاءِ قسط جاري ناهي ڪيو ويو قسط جاري ڪرڻ لاءِ سرسو وارن جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي مجبور ٿي خاموش ٿي ويا آهيون هنن چيو ته سرسو عملدار توڙي سنڌ بينڪ جا ملازم پنهنجي من پسند ماڻھن کي پهرين قسط جاري ڪري رهيا آهن جنهن سبب قسط جاري ڪرڻ لاءِ رشوت جو بازار گرم ٿيل آهي هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ٻوڏ کي ٻه سال گذري ويا آهن ٻن سالن کان گهرن جي قسط لاءِ پريشان آهيون نوٽيس وٺي قسط جاري ڪيو وڃي جيئن گهرن جي تعمير ڪرائي سگهون.

بئنڪ عملو رشوت نه ٿو گهري، متاثر سان گڏ ايندڙ پئسا ٿو وٺي: بئنڪ مئنيجر

جيڪب آباد: سنڌ بينڪ جي مينيجر رمضان ابڙو ٻڌايو ته بينڪ جو عملو ٻوڏ متاثرن کان گهرن جي تعمير لاءِ ملندڙ قسط مان رشوت نه وٺي رهيو آهي عملي تي سختي سان نگراني ڪري رهيو آهيان باقي ايئن ٿي سگهي ٿو ته جنھن بينيفشريز جا پئسا اچي رهيا آهن اهي ڪنھن جي معرفت بينڪ ۾ قسط وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن ته اهو ان جا پئسا ڪٽي رهيو آهي ان ۾ اسان جي برانچ جي ڪنهن به ملازم جو تعلق ناهي هن چيو ته اسان کي به قسط جي پئسن مان ڪٽوتي جون شڪايتون ملي رهيون آهن ان لاءِ سڄو ڏينهن برانچ تي ويهي مانٽرينگ ڪندو آهيان ته جيئن ڪوبه عملو ڪٽوتي نه ڪري سگهي.

ٻوڏ متاثرن جو بئنڪ عملي تي قسط ڏيڻ لاءِ رشوت گهرڻ جو الزام

جيڪب آباد: سنڌ بينڪ جي عملي تي پهرين قسط ڏيڻ لاءِ رشوت خوري جا الزام لڳي رهيا آهن ٻوڏ متاثرن جو چوڻ آهي ته سنڌ بينڪ جو عملو رشوت نه ڏيڻ تي مهينن جا مهينا بينڪ جا چڪر لڳائڻ لاءِ مجبور ڪري رهي آهي جڏهن ته 10 کان 15 هزار رشوت ڏيندڙن کي فورن گهرن جي قسط جا پئسا ڏنا وڃن ٿا جڏهن ته سنڌ بينڪ عملي جي رشوت خوري سبب گهرن جا پئسا وٺڻ لاءِ ايندڙ ٻوڏ متاثرن ۽ بينڪ عملي ۾ جهيڙو روز جو معمول بڻيل آهي.

Leave A Comment