رٽائرڊ جسٽس تصدق حسين جيلاني ججز جي الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جي سربراهي ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

اپريل 1, 2024

رٽائرڊ جسٽس تصدق حسين جيلاني ججز جي الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جي سربراهي ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، رٽائرڊ جسٽس تصدق جيلاني خط ذريعي وزيراعظم کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو، تصدق جيلاني پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته مناسب ٿيندو ته چيف جسٽس اداري جي سطح تي هن معاملي تي فيصلو ڪري، اعتماد ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ ڪابينا جو ٿورائتو آهيان، چيف جسٽس ۽ سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه جي اعتماد ڪرڻ تي به ٿورائتو آهيان، حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي الزامن جي جاچ ڪرائڻ لاءِ 2 ڏينهن اڳ انڪوائري ڪميشن جوڙي هئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز پنهنجي خط ۾ انٽيليجنس ادارن تي عدالتي ڪارروائي ۾ مداخلت جا الزام هنيا آهن

Leave A Comment