روينيو کاتي ۾ 28 ڪروڙن جو گهوٽالو: پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي رڪارڊ نه ملڻ تي ناراض

آگسٽ 10, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ روينيو کاتو 28 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي مالي بيضابطگين جو رڪارڊ پيش ڪرڻ ۾ ناڪام

پي اي سي پاران روينيو اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار، 20 ڏينهن اندر رڪارڊ پيش ڪرڻ جي هدايت، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي ميمبرن پاران روينيو ۾ ٿيل 28 ڪروڙ روپين جي مالي بيضابطيگن جي اينٽي ڪرپشن کاتي کان جاچ ڪرائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي

ڪالهوڪي اجلاس ۾ مالي سال 2016_17ع دوران روينيو کاتي پاران ڪيل خرچن جو جائزو ورتو ويو، روينيو کاتي پاران 28  ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي ٿيل بي ضابطگين جو ريڪارڊ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي آڏو پيش نه ڪيو ويو. جنهن تي پي اي سي اختيارين روينيو آفيسرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

اجلاس دوران رڪارڊ پيش نه ڪرڻ تي پي اي سي ميمبرن تجويز پيش ڪئي ته روينيو ۾ ٿيل 28 ڪروڙن جي مالي بيضابطگين واري اسڪينڊل جي جاچ اينٽي ڪرپشن کان ڪرائي وڃي

اجلاس دوران پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين نثارکهڙو روينيو اختيارين کي 20 ڏينهن اندر رڪارڊ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سمورن کاتن جي آفيسرن کي هاڻي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي حڪمن کي سنجيدگي سان وٺڻو پوندو، ٻي صورت ۾ سندن خلاف  ڪارروائي ڪئي ويندي.

Leave A Comment