پکو ۽ ڀرپاسي ساريالو فصل سڪڻ لڳو، آبادگارن جا مٿي تي هٿ
آگسٽ 29, 2024
پکو (ن پ ا) پکو جي مختلف شاخن گھنور شاخ ۽ چيلو شاخ تي آبادگارن جي ساريالو فصل پاڻي نه هئڻ سبب سڪڻ لڳو آهي، تازو رونبو ٿيل سارين ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري ڪافي ايڪڙين تي تازو ساريون سڪي ٺوٺ ٿيڻ لڳيون آهن، آبپاشي وارن شاخن جو پاڻي مڪمل طور مون سون برسات جي ڪري مٿان کان رئيس ڪينال گهاڙ شاخ، گهنور شاخ، چيلو شاخ بند ڪري ڇڏيو آھي، هزارين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل پاڻي نه ملڻ ڪري تباھ ٿيڻ لڳو، ان موقعي آبادگارن روشن مغيري، شمن وڳڻ، بگن چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ ھيو ته ڪيترائي زرعي دوائون پڻ استعمال ڪري چڪا آهيون پر ڪو به فرق ناهي آيو، آبادگارن جو چوڻ آهي ته پاڻي نه ھجڻ ڪري فصل مڪمل تباھ ٿي رھيا آهن، آبادگارن قمبر شهدادڪوٽ انتظاميه، زراعت کاتي کي پرزور اپيل ڪئي آھي ته پاڻي ڏئي ساريالو فصل سڙڻ کان بچايو وڃي.