روهڙي ۾ معصوم ٻارڙي سان ٽيوشن واري گهر ۾ مبينا اجتماعي زيادتي، 4 ڄڻا گرفتار
آگسٽ 1, 2024
روهڙي (رپورٽ: نثار چنجڻ) روهڙي ۾ 5 سالن جي معصوم ٻارڙي سان ٽيوشن واري گهر ۾ مبينا اجتماعي زيادتي، ٻارڙي رتو رت، کيس اسپتال نيو ويو، ماسترياڻي سميت 7 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، ماسترياڻي سميت 4 ڄڻا گرفتار، خبر موجب روهڙي شهر جي شاھ لطيف جي اوتاري ڀرسان رھندڙ احتشام پٺاڻ روهڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي ته سندس 5 سالن جي معصوم نياڻي پاڙي ۾ مديحه قريشي جي گهر ٽيوشن پڙھندي آهي، جنھن کي مديحه قريشي جي گهر اندر اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، نياڻي جي شلوار رتو رت ٿيل ھئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٿاڻي تان ميڊيڪل ليٽر وٺڻ بعد سکر جي نجي اسپتال نيو ويو، جتي سندس علاج جاري آهي، ڪيس ۾ ٻارڙي کي ٽيوشن ڏيندڙ ماسترياڻي، سندس ڀيڻ ۽ ٽن ڀائرن سميت 7 ڄڻن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، جوابدارن ۾ ٽيوشن ڏيندڙ ماسترياڻي مديحه قريشي، طاهر، وقار ۽ ثاقب قريشي، شمائلا ۽ 2 نامعلوم شامل آهن، فريادي موجب منهنجي ڌيءُ طاهر قريشي جي ڀيڻ مديحه وٽ ٽيوشن پڙهڻ لاءِ ويندي آهي، گذريل ڏينهن شام جو پنجين وڳي ڌيءَ کي ٽيوشن لاءِ ڇڏي آيس ۽ ساڍي ڇهين وڳي واپس وٺڻ لاءِ ويس، واپسي وقت ڌيءَ جي حالت خراب هئي ۽ شلوار رت سان ڀريل ھئي، ڌيءَ کي جوابدار طاهر قريشي ۽ ٻين زيادتي جو نشانو بڻايو آهي، ھوڏانھن ذريعن موجب روهڙي پوليس ماسترياڻي ۽ ٽن ڀائرن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، رابطو ڪرڻ تي پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙي کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيو ويو آهي ۽ سندس پيءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.