روهڙي جو تاريخي ماڳ ستين جو آستان بي ڌياني سبب ميسارجڻ لڳو، چوديواري ٽٽي تباهه
سيپٽمبر 16, 2024
روهڙي (ن پ ا) روهڙي ۾ تاريخي ماڳ ستين جو آستان انتظامي بي ڌياني سبب ميسارجڻ لڳو، چوديواري ٽٽي تباهه، قديمي ورثو سياحن لاءِ خطرناڪ بڻيل، خبر موجب سنڌو درياهه جي ڪپ تي خوبصورت ۽ دلڪش نظارن جي سونهن جو مرڪز بڻيل روھڙي لينس ڊائون پل سامهون ٽڪري جي چوٽي تي قائم تاريخي ماڳ قاسم خاني قبرستان ستين جو آستان لاڳاپيل انتظاميا جي بي ڌياني سبب تباهه ٿيڻ لڳو آهي، خوبصورت رنگين ڪاشيگيري قرآني آيتن ۽ ڪتبن سان اڪريل قبرون هاڻي ميسارجڻ لڳيون آهن، جڏهن ته تاريخي مسجد جي ڇت، محراب ۽ قبرستان جي تحفظاتي چوديواري مڪمل ٽٽي ختم ٿي وئي آهي، چوديواري نه هجڻ ڪري تاريخي ماڳ گهمڻ لاءِ ايندڙ شهرين لاءِ ڪنهن خطري کان گهٽ ناهي، شهر جي سماجي ڌرين سيد ارشد شاهه رضوي، حسن علي قريشي، رياض احمد شيخ ۽ ٻين ڪلچر کاتي جي اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته تاريخي ستين جي آستان جو تعميراتي ڪم مڪمل ڪرائي ورثي جي اصل سونهن ختم ٿيڻ کان بچائي وڃي.
بکر جي حاڪم مير ابوالقاسم نمڪين ستين جو آستان جوڙايو
روهڙي: تاريخي حوالن ۾ ملي ٿو ته بکر جي حاڪم مير ابوالقاسم نمڪين پنهنجي دور ۾ جڏهن هي آستان تعمير ڪرايو ته هن پر فضا ۽ پرسڪون مٿاهين ماڳ تي مير ابوالقاسم نمڪين پنهنجي دوستن ۽ درٻارين سميت چنڊ جي چوڏهين جي چانڊوڪي رات ۾ علمي، ادبي ۽ ثقافتي محفلون مچائيندو هو ۽ هو انبن، هنداڻن، گدرن سميت موسمي ميون جو پڻ لطف وٺندو هو، مير ابوالقاسم نمڪين جي وصيت موجب وفات بعد کيس هن ٽڪري تي دفن ڪيو ويو.
تاريخي ماڳ جي هيٺين حصي جي آرائش جو ڪم ڪرايو آهي: سنڀال ڪندڙ
روهڙي: ثقافت کاتي پاران ستين جي آستان جي سار سنڀال ڪندڙ امداد علي جتوئي ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر جي حڪمن تي سنڌ سرڪار جي سهڪار سان ڪلچر کاتي جي آرڪائيز ۽ اينٽيڪوئٽيز شعبي پاران پهرين مرحلي ۾ تاريخي ماڳ جي هيٺين حصي جي آرائش وارو ڪم ڪرايو ويو آهي، باقي ٻئي مرحلي ۾ مٿين حصي آستان جي مرمت جي ڪم لاءِ تاريخي ماڳ جي اصليت برقرار رکڻ لاءِ بنا سيمنٽ ۽ جپسم سان نصرپور جي اصلي ڪاشي ماهر مسترين کان جلد ڪم مڪمل ڪرايو ويندو.