رستم ۾ ڀنگ نه ڏيڻ تان صادق آباد واسي مغوي بيدردي سان قتل، تشدد ٿيل لاش هٿ
آڪٽوبر 2, 2024
رستم (رپورٽ: طيب جتوئي) رستم جي ڪچي ۾ ڀنگ نه ڏيڻ تان ڌاڙيلن صادق آباد واسي 52 ورھين جي طاھر محمود پٽ عبدالحميد کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو، علائقي واسين لاش ڏڪ بند ڀرسان لاوارث حالت ۾ پيل ڏسي ناپرڪوٽ پوليس کي اطلاع ڪيو،علائقي واسين موجب ناپرڪوٽ ۽ ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي حد بندي تڪرار سبب پوليس لاش تحويل ۾ وٺڻ کان انڪار ڪيو، جنھن سبب ڪيترائي ڪلاڪ لاش واقعي واري ھنڌ پيل رھيو، علائقي واسين جي بار بار رابطو ڪرڻ کانپوءِ ناپرڪوٽ پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس مطابق ابتدائي جاچ ۾ ھمراهه جو موت تشدد سبب واقع ٿيو آھي، کيس ڪجھه وقت اڳ ھٿياربند اغوا ڪري ويا ھئا. ان ڏس ۾ مقتول جي وارثن جو چوڻ ھو ته همراهه کي ڌاڙيلن اغوا ڪرڻ بعد 80 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ھو نه ڏيڻ تان مغوي کي قتل ڪيو ويو، سندن چوڻ هو ته ڌاڙيل ڀنگ جي رقم نه ڏيڻ تان بار بار ڌمڪيون ڏيندا هئا، شڪارپور پوليس مغوي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ سنجيدا قدم نه کنيا.
ڪچي وارا علائقا ڏوهارين جي قبضي هيٺ، پوليس امن ڪرائڻ ۾ ناڪام
رستم : ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته ڪچي واري علائقن کي ڪور ڪندڙ خانپور ۽ لکي غلام شاهه سب ڊويزن جا ٿاڻا رستم، آباد ميلاڻي ايٽ محمد آباغ، ڪوٽ شاھو ۽ ناپرڪوٽ ٿاڻو اڄ به ڏوھارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آھي، جتي پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي، ذريعن موجب ڳڙھي تيغي ۽ ڪوٽ شاھو جو ڪچو بڊاڻي ۽ تيغاڻي گينگ جي قبضي ھيٺ آھي.
ڪوٽ شاھو ۽ ڳڙھي تيغي جو ڪچو مغوين لاءِ مقتل گاهه بڻيل، 6 ڄڻا مارجي چڪا
رستم: ذريعن موجب ڪوٽ شاھو ۽ ڳڙھي تيغي جو ڪچو مغوين لاءِ مقتل گاهه بڻايل آھي، جتي مختلف طريقن سان پاڪستان جي چئني صوبن مان ڪيترن ئي ڄڻن کي گھرائي دوکي بعد اغوا ڪيو ويندو آھي. ڀنگ جي ڳري رقم ادا ڪندڙن کي آزاد ڪيو ويندو آھي. ڀنگ نه ڏئي سگھندڙن کي قتل ڪيو ويندو آھي. ڳڙھي تيغي جي ڪچي ۾ اغوا بعد ھڪ سال اندر ڀنگ خاطر قتل ڪيل مغوين جو انگ لڳ ڀڳ 6 ٻڌايو پيو وڃي. جنھن ۾ رافع سميجو راشد تيغاڻي ڪامران اسلم ۽ ٻيا شامل آھن.