سائره سمون جو خون ٻڏي ويو: ملير انتظاميه ۽ وارثن ۾ ڳالهيون ناڪام: ڌرڻو به ختم

جُولاءِ 8, 2024

ملير/ڌاٻيجي(رپورٽ: ناز شر ۽ شبير جوکيو) ملير  ويجهو پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلي دوران پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويل عورت جي وارثن ۽ انتظاميه ۾ ڳالهيون ناڪام، نيشنل هاءِ وي تي لڳل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان، ڌرڻي دوران پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون، 2  زخمي، ان ڏس ۾ 4 ڏينهن اڳ گلشن حديد ويجهو پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلي دوران پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل سائره سمون جي وارثن پاران ڪراچي _ٺٽو شاهراهه نيشنل هاءِ وي تي لڳل ڌرڻو 24 ڪلاڪن کانپوءِ ختم ٿي ويو، ڌرڻي دوران ڊي آءِ جي ايسٽ اظفر مهيسر، پ پ ايم پي اي  ساجد جوکيو، ملير جي ڊي سي ۽ ايس ايس پي مارجي ويل عورت جي ڀاءَ يعقوب سمون، ايڊووڪيٽ اشرف سمون ۽ ٻين سان ڳالهيون ٿيون، جيڪي بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويون.  مقتوله جي وارثن جو چوڻ هو ته اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت ٻين ذميوارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، جڏهن ته ڊي آءِ جي مظاهرين کي آڇ ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪرائڻ بعد ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، اهڙي آڇ کي مقتوله جي وارثن پاران رد ڪيو ويو، ان موقعي تي يعقوب سمون صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته انتظاميا اسان جي ڪا به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي،  جنهن سبب اسان احتجاج طور ڌرڻو ختم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته پوليس اسان جي ڀيڻ جي قاتل آهي، ڪيس  به  قاتلن (پوليس جي فرياد) جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو، اسان انهي ڪيس ۾ شامل ٿي بيان نه ڏينداسين، اسان انهي اميد سان احتجاج ڪيو هو ته اسان کي انصاف فراهم ڪيو ويندو پر ائين نه ٿيو، هاڻي اسان مامرو انصاف لاءِ الله تعاليٰ جي عدالت تي ڇڏيون ٿا، هن چيو ته  اسان جي مرضي موجب ايف آءِ آر داخل نه ٿي آهي اسان کي انصاف جي ڪا به اميد ناهي، ٻئي طرف ڊي آءِ جي اظفر مهيسر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گلشن حديد واقعي ۾ آئون ۽ پوليس کاتو مقتولا جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، هن چيو ته ڪراچي ۾ وائيٽ ڪرولا پاران ڦر جون مختلف وارداتون ڪيون ويون آهن،پوليس وائيٽ ڪرولا جو پيڇو ڪيو، جنهن دوران هي واقعو پيش آيو، هن چيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اسان واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، مون وارثن کي چيو آهي ته اوهان جو جنهن پوليس آفيسر تي ڀروسو هجي، اسان انهي کان واقعي جي انڪوائري ڪرائينداسين، هن چيو ته مقتوله جي وارثن کي مس گائيڊ ( گمراهه )ڪيو پيو وڃي، اسان وارثن کي راضي ڪري وٺنداسين، هن چيو ته انهي واقعي ۾ ڪو به پوليس اهلڪار ملوث هوندو ته انهي کي جيل موڪليو ويندو،هوڏانهن گذريل رات دير سان ملير جي ايس ايس پي ڪاشف آفتاب عباسي ۽ ڊي سي عرفان سلام ميرواڻي به مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، جيڪي پڻ ناڪام ويون.

پوليس تڪڙ ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي، جاچ ٿيڻ کپي: ساجد جوکيو

ملير :  پ پ ايم پي اي محمد ساجد جوکيو پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويل سائره بانو جي وارثن سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ ڊي آءِ جي ايسٽ اظفر مهيسر سان گڏجي اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون ڊي آءِ جي اڳيان موقف رکيو آهي ته  پوليس واقعي جي تڪڙ ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي، جيڪا مقتوله جي وارثن سان صلاح بعد ڪٽرائي وڃي ها، هن چيو ته پوليس ڏوهاري آهي يا نه ؟ انهي جي اعليٰ سطح جي جاچ ڪرائي مقتولا جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، هن چيو ته اسان عوامي ماڻهو آهيون، پيپلزپارٽي ڪڏهن به نه چاهيندي ته ڪنهن مظلوم سان ناانصافي ٿئي.

سائره سمون واقعي ۾ ملوث ايس ايچ او ۽ پوليس عملو  ڊيوٽين  تي موجود

ملير : ملير انتظاميا پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل  سائره سمون واري واقعي ۾ ملوث ڄاڻايل ايس ايچ او ۽ پوليس عملي خلاف ڪا انتظامي ڪارروائي به نه ڪئي، جيڪي رات دير تائين ڊيوٽين تي به موجود هئا.

داخل ايف آءِ آر  مٿان ٻي ايف آءِ آر داخل ٿي نٿي سگهي: لنجار

ملير: صوبائي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار چيو آهي ته گلشن حديد واقعي تي مظاهرين سان گذريل رات کان ڳالهيون جاري هيون، انتظاميه پاران مظاهرين کي جوڊيشل انڪوائري جي آڇ ڪئي وئي آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته واقعي جي هڪ ايف آءِ آر داخل ٿي چڪي آهي سپريم ڪورٽ جا حڪم آهن ته ايف آءِ آر  مٿان ٻي ايف آءِ آر داخل ٿي نٿي سگهي، اسان قانون جي بالادستي چاهيون ٿا،  جمهوري حڪومتون جمهوريت تي يقين رکنديون آهن، شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت اسان جي ذميواري آهي، اسان نٿا چاهيون ته معاملي کي ڊيگهه ڏني وڃي، باقي ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اسان  ڳالهين ذريعي معاملو حل ڪرڻ چاهيون ٿا.

Leave A Comment