سجاول جوڻيجو مسئلن جي ور چڙهيل، واٽرسپلاءِ غيرفعال، اسپتال جو ڪم رولڙي جو شڪار

جُون 24, 2024

سجاول جوڻيجو (رپورٽ: عبدالنبي ڀٽي) سجاول جوڻيجو شهر جي واٽر سپلاءِ 8 سال کان ناڪارا بڻيل آهي، پائيپ ٽٽي ويا، نالين ۽ واٽر سپلاءِ جو پاڻي مڪس ٿي ويو، شھري مٺي پاڻي، صحت، گيس، بجلي، روڊ، گھٽين ۽ ٻين مسئلن جي ور چڙهيل آهن. عمران جمالي چيو ته تڪ جي چونڊيل نمائندن سجاول جوڻيجو شھر کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، تعلقي اسپتال به مسئلن جي ور چڙهيل آهي. عبدالعزيز مگسي چيو ته ٽائون جا 200 ملازم پگھارون  گهر ويٺي کڻي رھيا آهن، شھر ۾ صفائي جو ڪو به بندوبست ناهي. ناليون ۽ گھٽيون گند ڪچري سان ڀرجي ويون آهن، روڊ ٽٽي ويا آهن، ڊرينيج جو کوھ لٽجڻ سبب برسات ۽ ڪني پاڻي جو نيڪال روڊن تي اٿلي پوي ٿو، بيمارين منهن ڪڍيو آهي، عبدالوھاب گاڏھي چيو ته گندگي جون دانهون ڪير به نه ٿو ٻڌي، مولوي عبدالرحيم مگسي، وسيم گاڏھي، سيف الله مگسي چيو ته شھر ۾ مٺي پاڻي جو مسئلو آهي، جر کارو آهي ۽ واٽر سپلاءِ غير فعال آهي، ٽائون آفيسر چوي ٿو بجيٽ ناهي تيل جا پئسا به ناهن مان ڪٿان آڻيان، ھنن وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائندن اليڪشن واري دور ۾ واعدا ڪندا آهن، ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ پرڏيهه جي دورن ۾ مصروف هوندا آهن.

Leave A Comment