پگهاردارن تي عالمي معيار جو ٽيڪس: 3 هزار ارب سبسڊي ختم، آءِ ايم ايف خوش، جون ۾ معاهدي جو امڪان

جُون 14, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) نئين مالي سال جي بجيٽ تي اطمينان جو اظهار ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي مطالبي تي بجيٽ ۾ سمورن ٽيڪسز ۾ ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. بجيٽ ۾ 3 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز آهي. ٽيڪس نيٽ ۾ واڌ لاءِ ايف بي آر انفورسمنٽ کي وڌايو ويو. ايندڙ مالي سال 3 هزار 800 ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙي ويندي. ذريعن موجب حڪومت پاران آءِ ايم ايف کي اڳواٽ شرطن تي عمل ڪرڻ بابت نئون پروگرام جلد طئي ٿيڻ ۽ آءِ ايم ايف کان اسٽاف ليول معاهدو جون ۾ طئي ٿيڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف جي مطالبي تي پگهار طبقي تي انڪم ٽيڪس کي عالمي معيار موجب ڪيو ويو. آءِ ايم ايف جي تجويز تي ٽيڪس چوري روڪڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو. توانائي جي سبسڊيز محدود ڪري صارفين کان مڪمل پيداواري لاڳت وصول ڪئي ويندي. ذريعن موجب ايندڙ مالي سال حڪومتي بجلي ڪمپنين جي نجڪاري ۽ پاور سيڪٽر کي ڊي ريگوليٽ ڪيو ويندو جڏهن ته حڪومتي ڪمپنين جي نجڪاري کي تيز ڪيو ويندو. حڪومتي ڪمپنين کي دوست عرب ملڪن جي حڪومتي ڪمپنين جي حوالي ڪيو ويندو. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته سياسي پارٽيون آءِ ايم ايف پروگرام تي سياست نه ڪنديون ۽ صوبائي حڪومتون به نئين پروگرام تي مڪمل عمل ڪنديون.

Leave A Comment