پگهارن، کير، موبائل فون، پيٽروليم، اخبارن ۽ کاڌي پيتي جي شين تي ٽيڪس نه لڳايو: سينيٽ جون سفارشون

جُون 25, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ بجيٽ سفارشون منظوري ڪري قومي اسيمبلي ڏانهن اماڻي ڇڏيون. سينيٽ ۾ منظور ڪيل سفارشن ۾ چيو ويو آهي ته 35 هزار کان مٿي جي خريداري لاءِ ڪريڊٽ ڊيبٽ ٽرانزيڪشن کي لازمي قرار ڏنو وڃي، گهريلو ۽ امپورٽ ٿيل سولر پينلز تي هڪ جيترو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي، اسٽيشنري شين مان سيلز ٽيڪس وصول ڪيو وڃي، قيمت سڀني شين تي ڇپيل هجڻ گهرجي. صنعت ۽ ٻين شعبن وانگر زرعي معيشت تي به ٽيڪس لڳايو وڃي، ايف بي آر کي انهن ادارن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي جيڪي خيرات جي نالي تي ٽيڪس ڇوٽ حاصل ڪن ٿيون، معذورن کي بنيادي پگهار جي حساب سان 100 سيڪڙو اضافي الائونس ڏنو وڃي. ڪارپوريٽ ڊيبٽ ڪارڊ ٽرانزيڪشن کي 5 سيڪڙو اضافي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني وڃي. آئي ٽي ڪمپنين تي ٻيڻو ٽيڪس ختم ڪيو وڃي، موبائل فون تي اضافي ٽيڪس نه لڳايو وڃي، پولٽري فيڊ تي سيلز ٽيڪس ختم ڪيو وڃي. پاڪستان کان ٻاهر ملڪيتن جي مالڪن تي ملڪيت جي قيمت بدران رينٽل ويلو تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي، سالياني ڪريڊٽ ڪارڊ جي حد کي وڌايو وڃي 30 هزار ڊالر کان وڌائي 50 هزار ڊالر ڪئي وڃي،  موٽرسائيڪل سوارن کي سستو پيٽروليم فراهم ڪرڻ لاءِ ميڪنزم جوڙيو وڃي. اخبارن تي لڳل 10 سيڪڙو جي ايس ٽي واپس ورتو وڃي. فاٽا، پاٽا ۾ درآمدي سپلاءِ تي سيلز ٽيڪس 30 جون 2025 تائين 3 سيڪڙو ۽ 30 جون 2026 تائين 6 سيڪڙو ڪيو وڃي. فاٽا ۽ پاٽا جي رهواسين کي گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني وڃي. تعميراتي شعبي تي لڳل سپر ٽيڪس ختم ڪيو وڃي. بغير اطلاع جي ڪمپنين جا بئنڪ اڪائونٽ بند ڪرڻ وارو عمل بند ڪيو وڃي. شهرن خاص ڪري اسلام آباد ۽ لاهور ۾ جي او آرز وڪرو ٿيڻ گهرجن، 1.3 ٽريلين جي ايس ٽي وصولين ۾ اضافو واپس ورتو وڃي، ضروري شين ۽ کاڌي پيتي تي سڌو سنئون ٽيڪس 50 سيڪڙو گهٽ ڪيو وڃي، ڊائريڪٽ ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو وڃي، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 45 هزار رپيا هجڻ گهرجي. 50 هزار ڊالرن کان وڌيڪ جي اليڪٽرڪ گاڏين جي درآمد تي ڪسٽم ڊيوٽي ۾ رعايت بدران 660 سي سي گاڏين جي درآمد تي اها رعايت ڏني وڃي. 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس بئنڪن، تعميرات، شپنگ، ٽيلي ڪام، اشتهارن، واقعن، هوٽلن ۽ ريسٽورنٽ تي لاڳو ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ دانش اسڪول کي 2 ارب ڏيڻ بدران اسلام آباد جي سيڪٽر اسڪولن جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ اها رقم ڏني وڃي. ايف بي آر پراپرٽي جي اصل ويليو تي ٽيڪس وصول ڪري. پراپرٽي تي ٽيڪس صوبائي حدن ۾ اچي ٿو، سامان جي اسمگلنگ تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي، پيٽروليم شين تي ليوي ۾ اضافو واپس ورتو وڃي. آءِ پي پيز سان ٿيل معاهدن تي نظرثاني ڪئي وڃي. گهٽ پگهار رکندڙ طبقي تي ٽيڪس نه لڳايو وڃي. ٻارن جي کير تي ٽيڪس نه ڏيڻ گهرجي، نان فائلز تي سختي ڪئي وڃي.

Leave A Comment