جيڪب آباد ضلعي ۾ غيرمعياري ٻج وڪرو، ساريالي فصل کي نقصان
سيپٽمبر 13, 2024
جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) ضلعي جيڪب آباد ۾ سارين جو هائبرڊ ٻج نقلي ۽ غيرمعياري وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن سبب ضلعي ۾ پوکيل ساريالو فصل سخت متاثر ٿيو، ضلعي ۾ ڏيڍ لک ايڪڙ تي پوکيل ساريالي فصل ۾ 25 سيڪڙو 35 هزار ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل کس ٿي ويو، فصل اناج ڏيڻ بدران پاپڙ ٿي ويو آهي،ان حوالي سان آبادگارن غلام صابر، زبير احمد کوسو، محمد هاشم بروهي، ڪامريڊ غلام حسين کوسو ۽ ٻين چيو ته چائنا کان ايندڙ سارين جو هائبرڊ ٻج جو 5 ڪلو وارو ٿيلهو 10 هزار ۾ خريد ڪيو، هائبرڊ ٻج غيرمعياري ۽ نقلي نڪتو آهي، جنهن سبب سارين جو تيار ٿيل فصل اناج ڏيڻ بدران پاپڙ کس ۾ تبديل ٿي ويو آهي.هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نقلي ٻج ۽ زرعي دوائون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
زراعت کاتي ۾ آفيسرن ۽ ملازمن جي کوٽ: ڪم متاثر
جيڪب آباد: ضلعي جيڪب آباد ۾ زراعت کاتي ۾ آفيسرن ۽ ملازمن جي کوٽ سبب مارڪيٽ ۾ ٻج ۽ زرعي زهر جي جائزو وٺڻ لاءِ ٽيمن ڪڏهن به جائزو ناهي ورتو، جيڪب آباد ٺل ۽ ڳڙهي خيرو ٽنهي تعلقن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جون پوسٽون خالي پيل آهن 53 تپن تي صرف 13 تپن تي زراعت کاتي جا عملدار مقرر ٿيل آهن جڏهن ته 40 تپا اڃان به بغير ملازمن جي هلن پيا جڏهن ته هن مهل به زراعت کاتي جا 12 سرڪلون خالي پيل آهن، جتي ملازم نه هئڻ سبب پوسٽون خالي رهجون ويون آهن.
زراعت شعبي مارڪيٽ ۾ مافيا گهڙي آئي آهي: ايڊيشنل ڊائريڪٽر
جيڪب آباد: زراعت کاتي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر عبدالرشيد چانڊيو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته زراعت شعبي جي مارڪيٽ ۾ ڪجهه مافيا گهڙي آئي آهي جيڪي نقلي هائبرڊ ٻج وڪرو ڪري رات جي پهر ۾ امير ٿيڻ جي چڪر ۾ آبادگارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي آبادگارن کي هائبرڊ ٻج نقلي مليو آهي جنهن سبب سارين جو فصل عين موقعي تي تيار ٿيڻ کان اناج ڏيڻ بجاءِ پاپڙ ٿي ويا آهن، ضلعي جيڪب آباد ۾ 70 سيڪڙو هائبرڊ ٻج جون جنسون پوکيون وڃن ٿيون، هاڻي ان ۾ مافيا شامل ٿي چڪا آهن، آبادگارن کي پنهنجي ديسي جنسن ايري سيڪس، ڊي آر 82 ڊي آر 83 سميت پنهنجي ديسي جنسن ڏانهن لاڙو ڪرڻ گهرجي.
موسمي تبديلي ۽ وڌيڪ گرمي پد پوڻ سبب فصل متاثر ٿيو: واپاري لالچند سيتلاڻي
جيڪب آباد: ڀاڻ مارڪيٽ جي واپاري لالچند سيتلاڻي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته هائبرڊ ٻج جو کس پاپڙ ٿيڻ جو اصل ڪارڻ موسمي تبديلي آهي جولائي جي مهيني ۾ حد کان وڌيڪ گرمي پد پوڻ سبب سارين جو فصل متاثر ٿيو آهي جنهن جي ڪري هاڻي هائبرڊ ٻج اناج ڏيڻ بجاءِ پاپڙ ۾ تبديل ٿي رهيو آهي هن وڌيڪ اهو به انڪشاف ڪيو ته زراعت کاتي ۾ مافيا گهر ڪري وئي آهي جيڪا نقلي ۽ غيرمعياري ٻج وڪرو ڪري ٿي اها مافيا ايڏي ته طاقتور آهي.
غيرمعياري هائبرڊ ٻج کان بچي ويل ساريالي فصل کي پن ويڙهه بيماري لڳي وئي
جيڪب آباد: غيرمعياري هائبرڊ ٻج کان بچي ويل ٻين آبادگارن جي ساريالي فصل کي پن ويڙهه بيماري پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي زرعي ماهرن موجب ته ساريالي فصل ۾ ڍيڍي يعني اناج اسرڻ وقت هڪ ڪيڙو لڳندو آهي جيڪو بيٺل ساريالي فصل پن کي هيٺيان کائيندو رهندو آهي جنهن سبب اناج اسري نڪرڻ بجاءِ ساريالي فصل جو پن ويڙھجي ويندو آهي ان کي مقامي زبان ۾ پن ويڙهه بيماري سڏجي ٿو جيڪا بيماري هن وقت عام ٿي وئي زراعت کاتي پاران ان بيماري کان نجات لاءِ جهاز ذريعي ان بيماري تي قابو پائڻ لاءِ اسپري ڪرائڻ گهرجي جيئن تيار ٿيل فصل کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي.
ديسي ٻج کي متعارف ڪرڻ بدران چائنا جي هائبرڊ ٻجن کي ترجيح
جيڪب آباد: وفاقي سيڊ سرٽيفڪيشن اينڊ رجسٽريشن ديسي ٻج کي متعارف ڪرڻ بدران چائنا جي هائبرڊ ٻجن کي ترجيح ڏني آهي چائنا مان ايندڙ مختلف هائبرڊ ٻج جي وڪرو لاءِ خانگي ڪمپنين جي رجسٽريشن ڪئي وئي آهي جيڪا ڪمپنيون سڄي سنڌ ۾ ديسي ٻج بدران هائبرڊ ٻج مارڪيٽ تائين پهچائن ٿيون جنهن جو وڌ کان وڌ ملڪي ٻج کي نقصان پهچي ٿو