سليم حيدر پنجاب ۽ فيصل ڪريم ڪي پي لاءِ گورنر نامزد: بلوچستان لاءِ جعفر مندوخيل فائنل: گورنر سنڌ تي متحده ۾ اختلاف
مَي 4, 2024
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان جا گورنرز تبديل ڪرڻ جو اصولي فيصلو ٿي ويو، گورنر سنڌ کي به هٽائڻ لاءِ ڪوششون، متحده ۾ اختلاف. تفصيل موجب وفاقي حڪومت ۽ پيپلزپارٽي ۾ معاهدي تحت پ پ جي سردار سليم حيدر کي گورنر پنجاب، پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي کي گورنر ڪي پي ۽ ن ليگ جي جعفر مندوخيل کي گورنر بلوچستان مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران گورنر تبديلي جو اصولي فيصلو ڪيو ويو، ذريعن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان، پنجاب ۽ ڪي پي لاءِ مختلف نالا تجويز ڪيا جن مان ٻن صوبن لاءِ پيش ڪيل نالن جي وزيراعظم منظوري ڏني، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران سليم حيدر خان گورنر پنجاب لاءِ نامزد ڪيو ويو، فيصل ڪريم ڪنڊي کي گورنر ڪي پي لاءِ نامزد ڪيو ويو، ن ليگ پاران جعفر مندوخيل کي گورنر بلوچستان بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان حوالي سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي فيصل ڪريم ڪنڊي کي گورنر ڪي پي ۽ سردار سليم حيدر کي گورنر پنجاب نامزد ڪيو آهي اميد ته پنهنجا فرض سٺي نموني ادا ڪندا. جڏهن ته سردار سليم حيدر خان چيو آهي ته پ پ چيئرمين خوشخبري ٻڌائي ته آئون گورنر هوندس، ٻڌايو ويو آهي ته رات تائين نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو، جعفر مندوخيل جو چوڻ آهي ته پارٽي پاران گورنر بلوچستان نامزد ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب سنڌ ۾ گورنري جو عهدو ايم ڪيو ايم وٽ رهندو ۽ ڪامران ٽسوري ذميواريون ادا ڪندو رهندو، ذريعن موجب ايم ڪيو ايم جو هڪ ڌڙو ڪامران ٽسوري کي تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي جنهن لاءِ ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته پ پ ۽ ن ليگ ۾ معاهدي تحت سنڌ جي گورنر جي مقرري جو اختيار ن ليگ وٽ هوندو. واضح رهي ته سردار سليم حيدر پ پ راولپنڊي جو ڊويزن صدر ۽ اٽڪ سان تعلق رکي ٿو، مملڪتي وزير ۽ خصوصي معاون سوڌو ايم اين اي رهي چڪو آهي، فيصل ڪريم ڪنڊي هن وقت پ پ جو اطلاعات سيڪريٽري آهي، ڊپٽي اسپيڪر به رهي چڪو آهي. جعفر مندوخيل نواز ليگ جو پراڻو ڪارڪن آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا ايم پي اي رهي چڪو آهي.