سانگهڙ ۾ دڪاندار جي بدمعاشي، پيرسن گراهڪ ڦورو قرار ڏئي قتل، معذور ڀائٽيو زخمي، لاش رکي ڌرڻو

جُولاءِ 22, 2024

سانگھڙ (رپورٽ: سارنگ وساڻ) سانگهڙ ۾ لاقانونيت: دڪاندار هٿان پيرسن گراهڪ ڦورو قرار ڏئي قتل، معذور ڀائٽيو زخمي، جوابدار اهلڪارن جي موجودگي ۾ فرار، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، خبر موجب شھر جي خاصخيلي پاڙي جي رھواسي اسماعيل خاصخيلي 6 مھينا اڳ دڪاندار کان ايئر ڪنڊيشن خريد ڪئي هئي، جنھن مان ريموٽ ڀڳل نڪتو هو، جڪو بار بار چوڻ باوجود دڪاندار ريمورٽ تبديل نه ڪيو، ڪالهه صبح جو اسماعيل خاصخيلي پنھنجي ڀائيٽي کي موڪليو ته دڪاندار ان کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ريمورٽ تبديل ڪري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي اسماعيل خاصخيلي دڪاندار وٽ دانھن کڻي پهتو ته ٻنهي ۾ تلخ ڪلامي ٿي پئي، جنهن دوران دڪاندار فيصل اقبال روڊ تي ئي گوليون ھڻي پيرسن اسماعيل خاصخيلي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ساڻس آيل ذھني معذور ڀائيٽي صدام کي به گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، واقعي دوران دڪاندار فيصل اقبال پسٽل کڻي روڊ تي بيھي رھيو ۽ گڏ ٿيل ماڻهن کي چيو ته هن کي ڪير به کڻي اسپتال نه پهچائي، جنهن ڪري ٻئي زخمي واقعي واري ھنڌ تڙپندا رھيا، گهڻي دير بعد پوليس پھچي زخمين کي اسپتال پھچايو، جتي کين طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ نوابشاھ ريفر ڪيو پئي ويو ته اسماعيل خاصخيلي رستي ۾ زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، واقعي بعد پوليس اهلڪارن جي سامهون جوابدار فيصل ڀٽي فرار ٿي ويو پر پوليس کيس گرفتار نه ڪيو، مقتول پيرسن جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن مقتول جو لاش ميرپور روڊ پيرو وزير شھيد چوڪ تي رکي ڌرڻو ھنيو، آخري اطلاعن موجب حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري پاران نوٽيس وٺڻ کانپوءِ اڳوڻي ايم اين اي سائرهه وساڻ آءِ جي سنڌ سان رابطو ڪيو، جنهن بعد جوابدار فيصل ۽ سندس والد اقبال ڀٽي خلاف پيرسن جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

دڪاندار پاران مقتول ۽ ذهني مريض ڀائيٽي تي ڦر ڪيس داخل

سانگھڙ: دڪاندار فيصل اقبال ڀٽي جي فرياد تي مقتول اسماعيل خاصخيلي، ذھني مريض سندس ڀائيٽي صدام خاصخيلي ۽ ھڪ نامعلوم خلاف ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو، دڪاندار فيصل اقبال ڀٽي داخل ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته اسماعيل خاصخيلي دڪان تان ڦر ڪرڻ آيو ھو، جنهن دوران فائرنگ ۾ اهڙو واقعو پيش آيو.

واقعي پوليس جي ڪارڪرگي تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا

سانگهڙ: سانگهڙ واقعي پوليس جي ڪارڪرگي تي ڪيترائي سوال اُٿاري ڇڏيا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار سرعام فائرنگ ڪئي پر پوليس اهلڪار تماشو ڏسندا رهيا، جوابدار جي روڪڻ تي پوليس اهلڪارن زخمي کي روڊ تي تڙپندي ڇڏي ڏنو پر کيس اسپتال نه کڻايو، گهڻي دير کانپوءِ زخمي کي اسپتال نيو پئي ويو ته جوابدار اُتي به گار گند ڪندو رهيو، ان دوران به پوليس اهلڪار تماشو ڏسندا رهيا، جوابدار پوليس جي اکين آڏو فرار ٿي ويو، پر اهلڪارن کيس گرفتار نه ڪيو.

جوابدار هر وقت پوليس جي اعليٰ عملدارن سان گڏ نظر ايندو آهي

سانگھڙ: دڪاندار فيصل اقبال ڀٽي جون اڳ گراھڪن سان بدتميزي ۽ جھيڙن جون ڪيتريون ئي شڪايتون آهن، پر ان جي باوجود پوليس ڪڏھن به ڪارروائي نه ڪئي، ذريعن موجب ته فيصل اقبال پوليس جي ضلعي عملدارن سان ھميشه گڏ نظر ايندو آھي.

دڪاندار پاران فائرنگ ڪرڻ واري وڊيو سامهون اچي وئي

سانگهڙ: پيرسن کي اسپتال نيئڻ وقت به جوابدار گارگند ڪندو رهيو، پر پوليس کيس گرفتار نه ڪيو، واقعي جي موبائيل فون سان رڪارڊ ڪيل وڊيو سامهون اچي وئي، وڊيو ۾ اليڪٽرانڪس جي دڪان اڳيان دڪاندار کي فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

Leave A Comment