ثاقب نثار هجي يا جيڪو به هجي، فيض حميد جي گرفتاريءَ کانپوءِ معاملا اڳتي وڌندا: سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا تارڙ

آگسٽ 17, 2024

ثاقب نثار هجي يا جيڪو به هجي، فيض حميد جي گرفتاريءَ کانپوءِ معاملا اڳتي وڌندا، فوج جو اندروني جاچ ڪرڻ جو پنهنجو مڪينزم آهي، جاچ جو دائرو وڌندي نظر اچي رهيو آهي، ٻين ادارن کي به پنهنجو احتساب ڪرڻ گهرجي

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس، عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ باني ملڪ ۾ ورهاڱي، نفرت ۽ انتشار جي سياست ڪئي، سمورين سازشن جي اڳواڻي ڪندڙ پي ٽي آءِ باني عمران خان هو، پي ٽي آءِ باني جي سهولتڪاري فيض حميد ۽ ٻيا آفيسر ڪري رهيا هئا، پي ٽي آءِ باني جي قيادت ۾ انتشار پکيڙيو ويو، جنهن جو هي سڀ حصو هئا، شاهديون سامهون پيون اچن ته جيل ۾ هجڻ باوجود پي ٽي آءِ باني جا رابطا بحال هئا، پي ٽي آءِ جيڪا تحريڪ شروع ڪئي آهي اها ڪامياب نه ٿيندي

Leave A Comment