ثاقب نثار جيڪو ڪجهه ملڪ سان ڪيو اهو معافي جوڳو ناهي، ڪارروائي ٿيڻ گهرجي: نواز شريف

آگسٽ 16, 2024

لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پارٽي قيادت کي اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ بابت بيان بازي نه ڪرڻ  هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۽ اسٽبلشمينٽ سان ڀرپور سهڪار جاري رکيو ويندو

  ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ ۽ معاشي استحڪام واپس آڻڻ لاءِ سياسي قرباني حب الوطني جو ثبوت آهي. ماڊل ٽائون لاهور ۾ نواز شريف  جي صدارت ۾ پارٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز، اسپيڪر اياز صادق، خواجا سعد رفيق، حمزه شهباز، راڻا ثناءُالله ۽ سلمان شهباز شريڪ ٿيو. وفاقي وزير احسن اقبال، عطا تارڙ، اويس لغاري، خواجا آصف، علي پرويز ملڪ، بلال اظهر ڪياني، مريم اورنگزيب سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي گرفتاري بعد پيدا ٿيل صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو

اجلاس ۾ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي گرفتاري بعد حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ تي آيل دٻاءُ تي به غور ٿيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پارٽي قيادت کي اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ بابت بيان بازي نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ حڪومت توڙي اسٽبلشمينٽ سان ڀرپور سهڪار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران ججن جي ملازمت وارو مدو وڌائڻ جي حوالي سان تجويز ڪيل آئيني ترميم تي آئيني ۽ قانوني ٽيم جي رپورٽ تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو

نواز شريف جو چوڻ هو ته بجليءَ جا مهانگا بل عوام لاءِ برداشت نه ڪرڻ جوڳا آهن،  سندن صلاحيتن جو امتحان آهي ته عوام کي رليف ڪيئن ڏيڻو آهي. هن چيو ته ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ، معاشي استحڪام واپس آڻڻ لاءِ سياسي قرباني حب الوطني جو ثبوت آهي. اڳوڻي چيف جسٽس جيڪو ڪجهه ملڪ سان ڪيو اهو معافي جوڳو ناهي، سندس خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ جي سمورن مسئلن جي حل لاءِ مضبوط معاشي ايجنڊا تيار ڪئي وئي آهي،  ٻه سئو يونٽن تائين پروٽيڪٽيڊ ۽ نان پروٽيڪٽيڊ بجلي واهپيدارن کي ٽن مهينن لاءِ رليف ڏنو ويو آهي

Leave A Comment