صارم برني ضمانت لاءِ ڪراچي جي سيشن ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو
جُون 12, 2024
ٻارن جي پرڏيهه اسمگلنگ واري ڪيس ۾ گرفتار سماجي اڳواڻ صارم برني ضمانت لاءِ ڪراچي جي سيشن ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو، صارم برني جي وڪيل سيشن ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، گذريل ڏينهن ڪراچي اوڀر جي عدالت صارم برني جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، ايف آءِ اي جي وڪيل جو چوڻ هو ته صارم برني کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو ته هو ثبوتن سان ڇيڙڇاڙ ڪري سگهي ٿو ۽ جاچ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، ايف آءِ اي موجب حيا نالي هڪ ٻارڙي کي صارم برني ٽرسٽ پاران فيملي ڪورٽ ۾ لاوارث قرار ڏنو ويو، ٻارڙي حيا جي والده افشين ڌيءَ کي مديحه نالي هڪ عورت کي وڪرو ڪيو، مديحه وري ٻارڙيءَ کي ٻي عورت بشريٰ کي وڪرو ڪيو، ايف آءِ اي موجب جوابدار جاچ ۾ سهڪار نه پيو ڪري