مطمئن ڪريو، پوئتي هٽڻ لاءِ تيار آهيان، ڳالهيون ڪيون ته ن ليگ حڪومت هلي ويندي: عمران خان

جُون 22, 2024

راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان چيو آهي ته منهنجي پوئتي هٽڻ سان پاڪستان کي فائدو ٿيندو ته آئون تيار آهيان پر مون کي مطمئن ته ڪريو، ڳالهيون ڪيون ته ن ليگ حڪومت هلي ويندي، 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران ميڊيا سان غير رسمي ڳالهائيندي هن چيو ته ن ليگ سان اسان ڇا ڳالهيون ڪيون؟ ۽ ڇا موسم جي ڳالهه ڪريون؟ جيڪڏهن اسان ڳالهيون ڪيون ته ان جي حڪومت نه رهندي، آئون پاڪستان خاطر ڳالهيون ڪرڻ چاهيان ٿو پنهنجي ذات يا حڪومت لاءِ نه، ڳالهيون ائين ناهن ٿينديون، عمران خان وڌيڪ چيو ته محمود اچڪزئي جيڪڏهن ڪا آڇ کڻي ايندو ته پوءِ ڳالهين جو سوچينداسين. عوام تي ٽيڪسن جي برسات ڪئي وئي، ماڻهن جي قوت خريد ختم ٿي وئي، اهڙي قانونسازي ڪئي وئي آهي جو حواله هنڊي مان پيسا ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ کي روڪڻ جو طريقو ئي موجود ناهي. باني پي ٽي آءِ جو وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ طرف چيو وڃي ٿو ته خزانو خالي آهي ٻئي طرف مريم نواز پنهنجي مشهوري تي اربين رپيا خرچ ڪري رهي آهي، احسن اقبال مون کي 5 سال جيل ۾ رکڻ جو چئي عدليه جي توهين ڪئي آهي، سينيئر وفاقي وزير جي اهڙي بيان کانپوءِ اهو ظاهر آهي ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني موجود ئي ناهي. احسن اقبال ڪهڙي منهن سان اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي.

Leave A Comment