سعودي عرب ۾ قتل ڪيس ۾ گرفتار سنڌ واسي 4 پاڪستاني شهرين کي موت جي سزا
مارچ 6, 2024
سعودي عرب ۾ قتل ڪيس ۾ گرفتار سنڌ واسي 4 پاڪستاني شهرين کي موت جي سزا، قتل ڪيس ۾ گرفتار گاجي کهاوڙ واسي خالد پتوجو، ميهڙ واسي عبدالغفار مير بحر، ارشاد ڏيپر ۽ عبدالمجيد ڏيپر جا سر قلم ڪيا ويا، چئني پاڪستاني شهرين تي الزام هو ته هنن 14 سال اڳ بنگلاديشي چوڪيدار انيس ميان کي ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيو هو، موت جي سزا مليل چئني پاڪستانين جي وارثن پاران ميهڙ ۽ گاجي کهاوڙ ۾ غائباڻي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، سزا مليل ارشاد ڏيپر جي ڀاءُ بخشل ڏيپر جو چوڻ آهي ته منهنجي ڀاءُ ۽ سئوٽ کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو هو، ٻنهي کي موت جي سزا ڏيڻ بعد سندن لاش به اتي دفنايا ويا….