ساوند سندراڻي جرڳي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل: علي گوهر مهر، خورشيد شاهه ۽ ٻيا طلب

جُولاءِ 12, 2024

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) ساوند سندراڻي تڪرار جي راڄوڻي جرڳي وارو معامرو، جرڳي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر  ۾ درخواست داخل، پٽيشن ۾ حڪومت سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي، ايس ايچ او خانپور مهر، علي گوهر مهر، خورشيد شاهه، غوث بخش مهر، عابد سندراڻي، محمد خان جوڻيجو، جلال ڪلپر بگٽي، شبير بجاراڻي کي ڌر بڻايو ويو آهي، عدالت درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 18 جولاءِ تي جواب طلب ڪري ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ۾ شهري ڪليم الله وڪيل شبير شر معرفت پٽيشن داخل ڪرائي آهي، وڪيل شبير شر موجب پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حڪومتي نوٽيفڪيشن موجب ديئت يا قصاص جي رقم 67 لک 57 هزارن کان وڌيڪ آهي، ساوند سندراڻي تڪرار جي فيصلي ۾ 26 خونن جو في خون 20 لک روپيا معاوضو رکيو ويو، پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند آرٽيفيشل انٽيلجنس ۾ پي ايچ ڊي جي ڊگري رکندڙ ملڪ جو ٽيون ۽ سنڌ جو پهريون نوجوان هو، جنهن جي قاتلن کي بچائڻ لاءِ معاوضو هڪ ڪروڙ روپيا رکيو ويو، پروفيسر سميت ٻين جي قاتلن کي بنا سزا جرڳي ذريعي معاملو حل ڪيو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سال 2004 ۾ جرڳن تي پابندي لڳائي هئي ۽ جرڳا ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم جاري ڪيو هو، وڪيل شبير شر موجب عدالتي حڪم باوجود خونن جا جرڳا ڪيا پيا وڃن، جرڳو منعقد ڪرڻ وارو عمل غير قانوني آهي، نجي ڪورٽ قائم ڪرڻ ملڪ جي قانون ۽ انصاف جي اصولن جي خلاف ورزي آهي، ڪينگرو ڪورٽ ذريعي فيصلا ڪندڙن کي ڪو به حق نه آهي ته جوابدارن کي ڏوهي ۽ بي گناهي جو فيصلو ڪن، ڌر ڄاڻايلن کي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آرٽيڪل 204 تحت سزا ڏني وڃي، درخواست گذار استدعا ڪئي آهي ته علي گوهر مهر، غوث بخش مهر، خورشيد شاهه، عابد سندراڻي، شبير بجاراڻي جي اسيمبلي رڪنيت معطل ڪئي وڃي، وڪيل شبير شر موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس امجد علي سهتو ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 18 جولاءِ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي، واضع رهي ته 4 جو لاءِ تي ساوند سندراڻي تڪرار جو راڄوڻي نبيرو علي گوهر مهر وٽ ٿيو هو، جنهن ۾ ڌرين مٿان مجموعي طور 6 ڪروڙ 36 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو هو، شهيد اجمل ساوند جو هڪ ڪروڙ ۽ وڪيل نورالاهي سندراڻي جو به هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو هو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ميرپورخاص نوجوان فوت، تشدد جي تصديق

  • نينگري سان ڏاڍائي ڪوشش، جوابدار گرفتار

  • فيلڊ مارشل ۽ ٽرمپ ملاقات مثبت اڳڀرائي: بلاول

  • سخت جملن جي ڏي وٺ