سامونڊي پٽي ۾ پاڻي کوٽ، تمر جي وڻن جي چاري تي پابندي، اُوٺار پريشان

جُون 11, 2024

ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) ڪوٽڙي بئراج جي هيٺائين پاسي سنڌوءَ ۾ پاڻي سخت اڻاٺ توڙي سامونڊي پٽي ۾ تمر جي وڻن تي لڳل پابندي سبب بکن وگھي کاري جي اٺن جا ناياب نسل جي مرڻ جو خدشو

ان ڏس ۾ سامونڊي پٽي جي رھواسي اوٺارن ربنواز مير جت ۽ ٻين دانھيندي چيو آھي ته سامونڊي پٽي ۾ ھڪ طرف مٺو پاڻي نه ھجڻ ڪري انسان توڙي جانور اڃ مرڻ تي مجبور بڻيل آھن، ته ٻئي طرف ٻيلي کاتي جي عملدارن کاري جي اٺن جي سامونڊي ٻيٽن اندر تمر جي وڻن ۾ چرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آھي، جنھن ڪري سندن لکين رپين جي ماليت جا کاري جي اٺن جو ناياب نسل تيزي سان ختم ٿيڻ لڳو آھي

هنن وڌيڪ چيو آھي ته سندن اٺ صدين کان سامونڊي ٻيٽن ۾ تمر جا وڻ چرندا پيا اچن جيڪي انھن جي کائڻ سان گھاٽا ۽ ڊگھا ٿيندا آھن، پر ھاڻي ڪجھه وقت کان وٺي بيلي کاتي جي عملدارن پاران اٺن جي چاري تمر جي وڻن جي کائڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي

هنن چيو ته ٻيل کاتي واران سندن پوکيل تمر جي وڻن ۾ به اٺ چرڻ نٿا ڏين، جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي آھي، ھنن چيو ته سندن روزگار جو وسيلو اھي کارائي اٺ آھن، جيڪڏھن انھن کي وقت سر چارو کاڌو نه مليو ته لکين رپين جي ماليت جا قيمتي نسل جا کارائي اٺ بکن وگھي مري ويندا

ھنن وس وارن کان گھر ڪئي ته ڪوٽڙي بئراج جي هيٺائين پاسي سنڌوءُ ۾ گھربل مقدار ۾ پاڻي جي ڇوڙ کي يقيني بڻائڻ سان گڏ ٻيٽن ۾ سندن کارائي نسل جي اٺن جي اهم چاري  تمر جي وڻن تي لڳل پابندي هٽائي وڃي ته جيئن اٺن جي بکن وگھي بي موت مرڻ سبب بک بيروزگاري کان بچي سگھن.

Leave A Comment