اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي: ڪمانڊر سهرا عرف جانان 8 ساٿين سميت مارجي ويو
مارچ 18, 2024
اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ دهشتگردن جو ڪمانڊر سهرا عرف جانان به شامل، آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز پاران ڪارروائي ڪئي وئي، مارجي ويل دهشتگرد ڪمانڊر سهرا عرف جانان مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي تي 16 مارچ تي ٿيل حملو ڪرائڻ ۾ به ملوث هو، آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن جي امڪاني موجودگي سبب سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون جاري آهن، سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن