سيڊا 25 سالن کان 14 مان رڳو 4 ڪئنالن تائين محدود: ايم ڊي سوڌو اهم عهدن تي آبپاشي آفيسر ٿاڦيل

جُولاءِ 26, 2024

حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو پاران سنڌ ۾ جديد آبپاشي نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل ادارو سيڊا اڃا تائين پنهنجا بنيادي ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام، اداري جي پاليسي ۽ فيصلا ساز سيڊا بورڊ جون 25 سالن کان چونڊون نه ٿي سگهيون، سرڪار پاران سيڊا ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي ايم ڊي سيڊا جي مقرري به سڌي ريت ڪرڻ جو سلسلو جاري. ان ڏس ۾ ورتل جائزي موجب سنڌ جي آبپاشي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي هدايتن تي سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي ( سيڊا) وجود ۾ آئي، جنهن کي 25 سال گذرڻ باوجود 14 مان رڳو 4 واهه نارا، گهوٽڪي، ڦليلي ۽ اڪرم واهه منتقل ڪيا وياآهن، جن تي 3 ايريا واٽر بورڊ  ٺهيل آهن. ذريعن موجب سيڊا ايڪٽ تحت اداري جي پاليسي توڙي فيصلا ڪرڻ لاءِ سيڊا بورڊ جو وجود عمل ۾ آندو ويو، جنهن جون هر 5 سالن کانپوءِ چونڊون ٿيڻيون آهن پر 25 سالن کان چونڊون ڪرائڻ بجاءِ من پسند ميمبرن جي مقرري جو سلسلو جاري آهي، ويجهي ماضي ۾ سيڊا کي اربين رپين جي بجيٽ وارو وسپ پروجيڪٽ ڏنو ويو، جنهن ۾ به ڪرپشن جا اسڪينڊل سامهون آيا، سرڪار پاران جنوري 2023ع کان 120 ملين ڊالر جي لاڳت سان شروع ڪيل سواٽ پراجيڪٽ جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جمال مڱڻ کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پراجيڪٽ توڙي ڪئنال ماڊرنائيزيشن جا ڪنسلٽنٽ به مقرر ڪيا ويا آهن، ذريعن موجب پراجيڪٽ جي اڳوڻي پي ڊي 30 جي لڳ ڀڳ من پسند آفيسرن ۽ پنهنجن ويجهن ماڻهن کي پراجيڪٽ ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٽنهي ايريا بورڊن  جي 50 کان مٿي ملازمن کي سوات پروجيڪٽ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.  ذريعن موجب اداري ۾ سالن کان ڪم ڪندڙ ملازمن لاءِ اڃا تائين سروس رولز به ٺهي نه سگهيا آهن انهي ڪري ملازم ترقين ۽ ٻين سهولتن کان به محروم بڻيل آهن. جائزي دوران ملوم ٿيو ته سيڊا ايڪٽ هيٽ  ايم ڊي سيڊا ۽ ايريا واٽر بورڊن جي ڊائريڪٽرن  جي چونڊ ٽنهي ايريا بورڊن جي ميمبر ن کي ڪرڻي آهي، سرڪار ايڪٽ تي عمل بجاءِ آبپاشي انجنيئرن کي اهم پوسٽن تي مقرر ڪندي رهي آهي،  ذريعن موجب تازو پروجيڪٽ جي اڳوڻي پي ڊي ڊيلي ويجز جي نالي تي سواٽ پروجيڪٽ ۾ 30 جي لڳ ڀڳ من پسند آفيسرن ۽ پنهنجي ويجهن ماڻهن کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٽنهي ايريا واٽر بورڊ ۾ ڪم ڪندڙن کي 50 ملازمن کي به سواٽ پروجيڪٽ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ”پنهنجي اخبار“ پاران ايم ڊي سيڊا پريتم داس ۽ سيڪريٽري سيڊا خرم شيخ سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندن موقف ملي نه سگهيو

قبول کٽياڻ،باسط سومرو ۽ نواز چانڊيو ”سياسي“ چيئرمين ٿيا

حيدرآباد: سيڊا جي پاليسي ساز اداري سيڊا بورڊ جي اجلاسن ۾ اهم ميمبرن پاران شرڪت نه ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب سنڌ واٽر مينيجمينٽ قانون تحت جوڙيل سيڊا بورڊ جي ميمبرن ۾ ناڻي، آبپاشي، زراعت، پلاننگ جا سيڪريٽري سرڪاري ميمبر هجن ٿا ، انهن کانسواءِ  مختلف شعبن جي ماهرن کي ميمبر طور کنيو وڃي ٿو، ذريعن  موجب سيڊا بورڊ جي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڄاڻايل چئني کاتن جا سيڪريٽري شرڪت نٿا ڪن پر ذريعن موجب سيڊا بورڊ جو چيئرمين آبپاشي وزير ٿي سگهي ٿو يا سنڌ جو وڏو وزير ڪنهن  کي چيئرمين  مقرر ڪري سگهي ٿو، ڪيترن سالن کان چيئرمين جي مقرري به سياسي بنيادن تي ٿيندي  رهي آهي، اڳ ۾ بدين ضلعي کان تعلق رکندڙ ايم پي اي محمد نواز چانڊيوِ ۽ صدر آصف زرداري کي ويجهو رهندڙ قيوم سومرو جي ڀاءُ باسط سومرو کي سيڊا  چيئرمين مقرر ڪيو ويو، هاڻي وري قبول محمد کٽياڻ کي سيڊا جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.

ايم ڊي سيڊا جو مدو اپريل ۾ ختم: نئين مقرري نه ٿي

حيدرآباد:سيڊا  ايم ڊي پريتم داس جو ٽن سالن جو مدو اپريل 2024ع ۾ پورو ٿيڻ باوجود نئون ايم ڊي مقرر نه ٿي سگهيو. ڄاڻايل ايم ڊي اڃا تائين پنهنجي عهدي تي برقرار آهي. ذريعن موجب ايم ڊي سيڊا جو عهدو ٽن سالن جو آهي، سيڊا قانون مطابق ايم ڊي سيڊا مارڪيٽ مان چونڊي کڻڻو آهي پر سنڌ حڪومت ايم ڊي سيڊا جي عهدي تي آبپاشي کاتي جي ڪامورن کي مقرر ڪندي آئي آهي

سيڊا ۾ 19 ۽ 20 گريڊ ۾ ڀرتين تي آبپاشي سيڪريٽري ناراض

حيدرآباد: سيڊا ۾ 19هين ۽ 20هين گريڊ جي آفيسرن جي ڀرتين لاءِ اخبارن ۾ ڏنل اشتهارن تي آبپاشي سيڪريٽري ناراض،  ان ڏس ۾ سيڊا اختيارين ڪجهه ڏينهن اڳ 19هين ۽ 20هين گريڊ جي مختلف جاين تي ڀرتي لاءِ مختلف اخبارن ۾ اشتهار جاري ڪيا هئا، جن ۾ 20هين گريڊ جا 3 جنرل مئينيجرز (جنرل مينيجر آپريشن، جنرل مينيجر ٽرانزيشن۽ جنرل مينيجر ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ،  19هين گريڊ ۾ سوشل ڊولپمينٽ اسپيشلسٽ لاءِ درخواستون گهرايون ويون هيون ذريعن موجب 2010ع ۽ 2011ع ۾ ناڻي کاتي پاران 19هين ۽ 20هين گريڊ جي پوزيشنن لاءِ منظورڪيل ايس اين اي مطابق ايم ڊي سيڊا 19هين ۽ 20هين گريڊ جي پوزيشن کي ڀرڻ جو اختيار نٿو رکي، سيڊا جي خالي پيل جاين تي ڏنل اشتهار تي آبپاشي سيڪريٽري ايم ڊي سيڊا کي خط لکي وارننگ ڏني هئي ته سيڊا جي ڄاڻايل جاين ڀرڻ لاءِ رڳو سنڌ گورنمينٽ  اشتهار ڏئي سگهي ٿي

Leave A Comment