سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر جوڙي جي چونڊ: پ پ جا اويس شاهه ۽ اينٿوني ڪامياب: اڄ وزيراعليٰ جي چونڊ ٿيندي

فيبروري 26, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي ۽ فقير سليم) سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر جوڙي جي چونڊ، پيپلز پارٽي جو انجنيئر اويس قادر شاھ 111 ووٽ کڻي اسپيڪر ۽ نويد اينٿوني 111 ووٽ کڻي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويا، ايم ڪيو ايم جي اسپيڪر جي اميدوار صوفيا شاھ ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي اميدوار راشد خان رڳو 36_36 ووٽ کنيا. جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي حامي آزاد اميدوارن اسپيڪر جوڙي جي چونڊ جو  بائڪاٽ ڪري ڇڏيو، اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ قائد ايوان (وزيراعليٰ)  جي چونڊ ٿيندي، پيپلز پارٽي سيد مراد علي شاھ  ۽ ايم ڪيو ايم پاران علي خورشيدي جا نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا، پي ٽي آءِ پاران اڄ قائد ايوان جي چونڊ ۾ به حصو نه وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جوڙي جي چونڊ ٿي، جنهن ۾ پ پ جي اسپيڪر جي اميدوار اويس قادر شاھ ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي اميدوار نويد انٿوني ۽ ايم ڪيو ايم جي اسپيڪر لاءِ اميدوار صوفيا شاھ ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي اميدوار راشد خان وچ ۾ مقابلو ٿيو، اسپيڪر جوڙي جي چونڊ ۾ 157 جي ايوان مان 147 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، پيپلز پارٽي جي اسپيڪر جوڙي کي 111_111 ايم ڪيو ايم جي جوڙي کي رڳو 36_36 ووٽ حاصل ٿي سگھيا. ڪالهه پي ٽي آءِ جي حامي 9 آزاد ۽ جماعت اسلامي جي هڪ ميمبر پڻ اسيمبلي پهچي حلف کڻي ورتو. جنهن کانپوءِ ايوان 147 مان وڌي 157 جو ٿي ويو، ڪالهه حلف کڻندڙ 10 ميمبرن پاران اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جو بائڪاٽ ڪندي پنهنجو ووٽ به ڪاسٽ نه ڪيو، ٻئي طرف سنڌ اسيمبلي جي قائد ايوان (وزيراعليٰ) جي چونڊ اڄ ٿيندي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي پاران اڳوڻو وڏي وزير سيد مراد علي شاُھه ۽ ايم ڪيو ايم جو علي خورشيدي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آهن. پي ٽي آءِ پاران اڄ قائد ايوان واري چونڊ جي به بائڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پ پ ذريعن دعويٰ ڪئي  ته سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ پيپلز پارٽي جي اڪثريت هجڻ سبب سيد مراد علي شاھه آساني سان فاتح قرار ڏنو ويندو. جنهن کي اڄ ئي وزيراعليٰ جو حلف کڻايو ويندو. هوڏانهن اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئين اسپيڪر اويس قادر شاهه کي مبارڪون ڏيندي چيو ته سنڌ اسيمبلي اها اسيمبلي آهي، جنهن پاڪستان ٺاهيو، منهنجو والد به هن اسيمبلي جو اسپيڪر رهيو، منهنجي به خواهش رهي آهي ته هن ايوان جو اسپيڪر ٿيان پر شايد نه ٿي سگهندس. سنڌ جي ليڊرن هر موقعي تي پاڪستان جو نعرو هنيو آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به ذاتي مفادن لاءِ جمهوريت کي نقصان ناهي پهچائيندي. ان موقعي تي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته اويس قادر شاهه جو اصل تعلق ڳڙهي ياسين سان آهي، منهنجو والد آغا بدرالدين به اسپيڪر هو ۽ آئون به اسپيڪر رهيس سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر شپ  شايد رڳو ڳڙهي ياسين تعلقي جي نصيب ۾ آهي. اڳوڻي صوبائي وزير  سردار شاهه چيو ته هن مقدس ايوان جي تقدس ۾ ڳڙهي خدابخش جو رت به شامل آهي، هن ايوان ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بي نظير ڀٽو جون تصويرون لڳڻ گهرجي، هن چيو ته پ پ نويد انٿوني کي ڊپٽي اسپيڪر چونڊرائي تاريخ رقم ڪئي آهي. اسپيڪر جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ نئين اسپيڪر اويس قادر شاهه پيپلزپارٽي قيادت ۽ ميمبرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته سمورن ميمبرن کي يقين ڏياريان ٿو ته سڀني کي هڪجهڙو موقعو فراهم ڪيو ويندو، سندس چوڻ هوته سنڌ اسيمبلي جهڙي تاريخي ايوان جو اسپيڪر ٿيڻ منهنجي لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه آهي. ايم ڪيو ايم جي قائد ايوان جي اميدوار علي خورشيدي چيو ته اسان اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني کان تمام گھڻو سِکيا آهيون، نئين اسپيڪر کي به منصب سنڀالڻ جو مبارڪون هجن.

Leave A Comment