سينيٽ پاران اليڪٽرانڪ ڪرائم جي روڪٿام ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري

سيپٽمبر 6, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن نئين سر آرگنائيزيشن اينڊ اليڪٽرانڪ ڪرائم جي روڪٿام جي ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. ٽيلي ڪميونيڪيشن اپيليٽ ٽربيونل قائم ڪيا ويندا. پي ٽي اي جي فيصلي جو متاثر شخص 30 ڏينهن اندر ٽيلي ڪميونيڪيشن اپيليٽ ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪندو جنهن جو فيصلو 90 ڏينهن اندر ڪيو ويندو. ٽيلي ڪميونيڪيشن اپيليٽ ٽربيونل جو چيئرمين هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو جج هوندو يا پندرهن سالن تائين هاءِ ڪورٽ ۾ پريڪٽس ڪندڙ وڪيل هوندو. ٽربيونل جو هڪ ميمبر اليڪٽريڪل، اليڪٽرانڪس، ٽيليڪميونيڪيشن يا لاڳاپيل مضمونن ۾ ماسٽر ڊگري رکندڙ هوندو. ميمبر هڪ شخص هوندو جيڪو فنانس، اقتصاديات، چارٽرڊ اڪائونٽنسي يا لاڳاپيل مضمونن ۾ ماسٽر ڊگري رکندڙ هجي. ٽربيونل ڪنهن شخص کي طلب ڪري حلف نامي تي جاچ ڪري سگهي ٿو، حلف نامي تي ثبوت وٺي سگهي ٿو، دستاويز وٺي سگهي ٿو. ٽربيونل جي چيئرپرسن ۽ ميمبرن کي 4 سالن جي مدي لاءِ مقرر ڪيو ويندو. ٽربيونل اپيل داخل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي طريقيڪار تي عمل ڪندو. چيئرپرسن بينچ جي تشڪيل يا ٻيهر تشڪيل ڪري سگهي ٿو، ٽربيونل متعل هاءِ ڪورٽس ۾ ٻڌڻي هيٽ اپيلز ٽيلي ڪمونيڪيشن اپيل ٽربيونل کي منتقل ڪيون وينديون. بل جي مقصد متعلق ٻڌايو ويو آهي ته ٽيلي ڪام ايڪٽ ۾ ٽربيونل قائم ڪئي وئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪٽرڪ ڏوهن جي روڪٿام بابت اپيلون داخل ڪيون وينديون آهن، اهي ڪيس ٽيڪنيڪل نوعيت جا آهن، ٽيڪنيڪل ماهرن تي ٻڌل ٽربيونل قائم ڪرڻ جي ضرورت هئي، ٽربيونل جي قيام سان هاءِ ڪورٽ تي ٽيڪنيڪل ڪيسن جو بار گهٽ ٿيندو.

Leave A Comment