سينيٽ ڪاميٽي ۾ پي ٽي آءِ جو ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ: بحث ڪرڻ تي سنڌ ۽ ڪي پي جو اعتراض

سيپٽمبر 3, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي پاڻي وسيلن بابت اسٽيڊنگ ڪاميٽي  ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪالا باغ ڊيم منصوبي جو راڳ آلاپيو ويو، ارسا سنڌ جي ميمبر  سخت اعتراض واريو ، جيڪو معاملو ايجنڊا ۾ شامل ناهي اُن تي بحث نه ڪئي وڃي. ڪالا باغ ڊيم خلاف ٽن صوبن ٺهراءُ پاس ڪيو آهي سنڌ لاءِ اهو حساس مسئلو آهي. سينيٽر هدايت الله چيو ته ڪالا باغ ڊيم خيبرپختونخواهه جي زرخيز ضلعن کي متاثر ڪندو اهو صرف پنجاب جي لاءِ فائديمند آهي. تفصيل موجب سينيٽ جي آبي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينٽر شاهد اعواڻ جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ پاڻي وسيلن واري سيڪريٽري چيو ته وزارت ۾ 135 پوسٽون آهن جن مان 34 خالي آهن.  سينيٽر فيصل سليم رحمان چيو ته اِن سان اوهان جو ڪم متاثر ٿيندو آهي. سيڪريٽري جواب ڏنو ته ڪو خاص فرق ناهي پوندو، وزارت جي ماتحت ادارن ۾ واپڊا، ارسا، فيڊرل فلڊ ڪميشن، پاڪستان ڪميشن فار ريسرچ ان واٽر ريسورسز ۽ انڊس واٽر ڪميشن شامل آهن، واپڊا وزارت جا اهم منصوبا ڪندي آهي. آبي وسيلن واري سيڪريٽريءَ جو چوڻ هو ته ديامير ڀاشا ڊيم تي 15.7 سيڪڙو تعميراتي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ديامر ڀاشا ڊيم 2029ع ۽ مهمند ڊيم 2025ع ۾ مڪمل ٿيندو. مهمند ڊيم تي 33.5 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. سينيٽر همايون مهمند چيو ته ڪالا باغ ڊيم ڇو نٿو ٺهي. جنهن تي سينيٽر پونجو ڀيل چيو ته جيڪو معاملو ايجنڊا ۾ شامل ناهي اُن تي بحث نه ڪريو، سوال پڇڻ کان اڳ ان کي ايجنڊا تي رکيو وڃي، ٽن صوبائي حڪومتن ان خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو آهي، هي سنڌ لاءِ حساس مسئلو آهي. چيئرمين ڪميٽي چيو ته جڏهن واپڊا جي منصوبن تي غور ڪيو ويندو اِن مسئلي تي تڏهن ڏسنداسين. آبي وسيلن واري سيڪريٽري چيو ته پن بجلي گهر منصوبن مان به بجلي حاصل ٿيندي، ڊيمن ٺاهڻ سان پاڻي کي ريگيوليٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. آبي وسلين واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته سنڌو درياهه تي ڊيم ٺهڻ کان اڳ درياهه ۾ 5 لک ڪيوسڪ پاڻي هوندو هو. ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر چيو ته ترقيءَ لاءِ سمورن ماڻهن سان صلاح مشورا ڪرڻ گهرجن، سجاول، ٺٽو ۽ بدين پاڪستان جا غريب ترين ضلعا آهن. 1940ع کان 1960ع تائين هي ضلعا هندستان جا امير ترين ضلعا هئا. سينيٽر پونجو ڀيل چيو ته ان وقت زمين آباد هئي ۽ هاري خوشحال هئا، جنهن ڊيم خلاف ٽن صوبن پاران قرارداد منظور ڪئي وئي آهي اُن جو ٻيهر راڳ نه آلاپيو وڃي، ڊيمن تي اسان کي ڪو به اعتراض ناهي پر ان تي مشاورت ٿيڻ گهرجي. آبي وسيلن واري سيڪريٽري چيو ته ڪڇي ڪينال مڪمل ٿيڻ بعد صوبي کي منتقل ڪيو ويندو. ميمبر واٽر بورڊ چيو ته موسمياتي تبديلين سبب ڊيمن ۾ پاڻي جلدي اچڻ ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، ٻيا ملڪ ۾ ٻوڏ جي ور چڙهڻ شروع ٿي ويا آهن. پاڪستان ۾ في ڪس پاڻي جي دستيابي 600 ڪيوسڪ تي اچي وئي آهي. ميمبر ارسا سنڌ چيو ته پاڪستان جي آبادي ۾ وڏي پئماني تي واڌ سبب پاڻي جي دستيابي به گهٽجي وئي آهي. سينيٽر هدايت الله چيو ته ڪالا باغ ڊيم خيبرپختونخواهه جي زرخيز ضلعن کي متاثر ڪندو اهو صرف پنجاب جي لاءِ فائديمند آهي. آبي وسيلن واري سيڪريٽري چيو ته اِن تي انجنيئرنگ اتفاق ناهي ٿيو. ميمبر واٽر، واپڊا چيو ته چشما لفٽ ڪينال منصوبي جي لاڳت 189 ارب رپيا آهي. آبي وسلين واري ايڊيشنل سيڪريٽري جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه حڪومت ان منصوبي لاءِ سموري رقم فراهم ڪندي، هن منصوبي جي منظوري گڏيل مفادن واري ڪائونسل 2017ع ۾ ڏني هئي.

Leave A Comment