خيبر پختونخواهه ۾ سينيٽ جون چونڊون ملتوي، اليڪشن ڪميشن پاران لکت ۾ به فيصلو جاري

اپريل 2, 2024

خيبر پختونخواهه ۾ سينيٽ جون چونڊون ملتوي، اليڪشن ڪميشن پاران لکت ۾ به فيصلو جاري، صوبائي اليڪشن ڪمشنر شمشاد خان اپوزيشن جي درخواست تي سينيٽ اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو، اپوزيشن جي احمد ڪريم ڪنڊي ڪي پي اسيمبلي ۾ سينيٽ چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني اليڪشن ڪميشن لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نون چونڊيل ميمبرز جي حلف کڻڻ تائين چونڊون روڪيون ويون آهن، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مخصوص سيٽن تي ڪامياب ٿيل اميدوارن کي حلف کڻائڻ لاءِ اسپيڪر اڃا ڪي به قدم نه کنيا آهن، ايندڙ حڪم تائين صوبي ۾ سينيٽ جون چونڊون ملتوي ڪيون وڃن ٿيون، اليڪشن جو عملو ڪي پي اسيمبلي مان پولنگ جو سامان کڻي روانو ٿي ويو، اڳوڻي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڪنور دلشاد چيو آهي ته ڪي پي ۾ اليڪشن ٿيڻ تائين سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ نه ٿي سگهندي، صوبائي هائوس مڪمل نه هئڻ سبب ڪي پي ۾ چونڊون ملتوي ڪيون ويون

Leave A Comment