سينئر جج چيف جسٽس نه ٿيڻ تي گنڊاپور جي سڄو ملڪ بند ڪرڻ جي ڌمڪي، باغين کي شوڪاز نوٽيس
آڪٽوبر 23, 2024
پشاور(م ڊ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور 26 هين آئيني ترميم خلاف احتجاج طور سڄو پاڪستان بلاڪ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته رات جي اونداهي ۾ منظور ڪرايل 26 هين آئيني ترميم آزاد عدليه تي حملو آهي، اسان ان ترميم کي نه ٿا مڃون، آئيني ترميم خلاف احتجاج ڪنداسين ۽ سڄو پاڪستان بلاڪ ڪنداسين، ووٽ وڪرو ڪندڙن جا نالا سامهون اچي ويا آهن، اڄ کين شوڪاز نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون، جن پي ٽي آءِ باني جي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو انهن کي پارٽيءَ مان ڪڍنداسين، جيڪو غدار آهي، ان جي پارٽي ۾ ڪا جاءِ ناهي.سندس چوڻ هو ته اسان هڪ ٻئي احتجاج جو پلان ٺاهي رهيا اهيون، احتجاج جو دائرو سڄي ملڪ تائين پکيڙي رهيا آهيون ۽ ان جي قيادت مان ڪندس، مڪمل احتجاج ٿيندو ۽ سڄو ملڪ بلاڪ ڪنداسين.