متحده جي بدمعاشي نه هلندي: شهيد ڀٽو خلاف بيان تي معافي وٺو، گورنر ٽسوري استعيفا ڏئي: سنڌ سرڪار
جُولاءِ 2, 2024
ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ناصر شاهه متحده قومي موومينٽ جي سربراهه خالد مقبول صديقي پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تي لڳايل الزامن کي شرمناڪ قرار ڏيندي ايم ڪيو ايم کان معافي ۽ گورنر سنڌ کان استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ڪلهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته متحده قيادت کي هڪ ڀيرو ٻيهر سياست چمڪائڻ جو شوق جاڳيو آهي، انهي هڪ ڀيرو ٻيهر الزام بازي واري سياست شروع ڪري ڇڏي آهي، اھڙي سياست جي ايم ڪيو ايم کي قيمت چڪائڻي پئي آھي، اها ٽن چئن شهرن کان گهٽجي يوسي سطح تي پھچي وئي آهي.هنن چيو ته متحده قيات پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف زهر اوڳاڇيو ويو آھي، جيڪا ڳالھھ ڪنهن کي به زيب نه ٿي ڏئي، شهيد ڀٽو جو ملڪ لاءِ اهم ڪردار رھيو آهي، خالد مقبول صديقي اسان جي قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف زهريلي ڳالھه ٻولھه ڪئي آھي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ لاءِ اهم قربانيون ڏنيون آهن، جيڪڏهن پاڪستان جي سياسي تاريخ مان اسان جي قيادت کي ڪڍيو وڃي ته پوئتي ڪجهه به نه بچندو. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪوٽا سسٽم سوچي سمجھي آندو ويو ھو، اهو نظام پٺتي پيل علائقن جي ماڻھن جي تحفظ لاءِ آندو ويو ھو، جنھن کي بنياد بڻائي خالد مقبول صديقي نامناسب گفتگو ڪئي آهي.هن چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي مسئلن جي ذميوار ايم ڪيو ايم آهي، صوبي ۾ پڙهيل لکيل نوجوان روزگار جي اوسيئڙي ۾ هئا پر ايم ڪيو ايم نوڪرين تي پابندي لڳرائي اسٽي آرڊر وٺي ويهي رهي. ايم ڪيو ايم جي اسٽي وٺڻ سبب ڪيترن ئي کاتن جا هٿ ٻڌل ھُئا. ھن چيو ته خالد مقبول سميت متحده جي سموري قيادت الطاف حسين کي ”جي ڀائي، جي ڀائي“ ڪندي رھندي هئي، اها ئي قيادت الطاف حسين کي ڇڏي ڀڄي وئي، اڄ اهي الطاف حسين کي پنهنجو قائد مڃڻ لاءِ تيار ناهن، جنھن کين ڪٿان کان ڪٿي پھچايو، خالد مقبول صديقي ۽ سندس ماڻهو ڪالهه تائين جنھن پويان هلندا ھُئا اڄ اُن کي پنهنجو ليڊر مڃڻ لاءِ تيار ناهن؟ هن چيو ته متحده سدائين پيپلز پارٽي تي الزام مڙھيا، جڏهن ته شهيد ڀٽو او آءِ سي کي مضبوط ڪيو، جنهن کي پوري اسلامي دنيا مڃي ٿي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف ورهاڱي/ ورڇ جي ڳالهه ڪرڻ ٻڏي مرڻ جو مقام آهي. هنن چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجن ڪارڪنن کي مڪاني ادارن ۾ ڀرتي ڪيو، ماضي ۾ سڀ ٽارگيٽ ڪلرز واٽر بورڊ ۽ ڪي ايم سي جا ملازم ھوندا هئا، اڌ کان وڌيڪ رابطا ڪاميٽي سرڪاري ملازمن تي ٻڌل آھي، رابطا ڪاميٽي جا ميمبر اڄ به مڪاني ادارن ۾ نوڪريون ڪري رھيا آھن. هنن مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم ڪوڙ جي سياست جو باب بند ڪري، اسان بدتميزي جو جواب بدتميزي سان نه ڏينداسين، ايم ڪيو ايم کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي خلاف ڳالهائڻ تي معافي وٺڻ گھرجي، هنن چيو ته نفرت جي سياست ڪندڙن جو حشر سڀني ڏٺو آهي. ھنن چيو ته سنڌ جو گورنر ايم ڪيو ايم جو نمائندو آهي، سنڌ جي گورنر کي فوري طور استعيفا ڏيڻ گهرجي، کيس سنڌ جي عوام نه ويھاريو آھي ۽ نه ئي وٽس ڪو مينڊيٽ آهي، صوبي ۾ اهڙي قسم جي سياست وڌيڪ نه ھلندي. خالد مقبول صديقي جي ڪابه حيثيت ناھي ،سندس حيثيت ٻڙي پلس ٻڙي برابر ٻڙي آھي. هنن چيو ته ايم ڪيو ايم نوجوان نسل کي تباهه ڪيو، سندن هٿن ۾ هٿيار ڏنا، ڪراچي ۾ روز هڙتالون ٿينديون رهيون، پر هاڻي ايم ڪيو ايم جي بدمعاشي ختم ٿي وئي آهي.ھن چيو ته ايم ڪيو ايم سدائين نفرت واري سياست ڪئي آهي، انهن کي پنهنجي عوامي حمايت جو اندازو هو، انهي ڪري اهي راتو رات مڪاني چونڊون ڇڏي ڀڄي ويا ھئا، ماڻھن کي ايم ڪيو ايم جي اصليت جي خبر آھي، ايم ڪيو ايم نفرت ۽ تعصب جو شوشو ڇڏڻ واري جماعت آھي، ايم ڪيو ايم کي چئون ٿا ته اڄ به بيلٽ ( ووٽ ) ذريعي چونڊجڻ جي ڪوشش ڪن، اچي اسان سان اليڪشن ۾ مقابلو ڪن.هن چيو ته آءِ بي اي ٽيسٽ تحت تعليم کاتي ۾ 50 هزار ڀرتيون شفاف طريقي سان ڪيون ويون ، ڪيترن ئي وزيرن جا گھر ڀاتي به انهي ٽيسٽ ۾ ناڪام ٿيا آهن، انهي کان وڌيڪ شفافيت ڪهڙي ٿي سگهي ٿ؟ هن چيو ته پرويز مشرف جي دور ۾ ايم ڪيو ايم مڪمل طور تي طاقتور هئي، هڪ ڏينهن ۾ سئو سئو ماڻهو قتل ڪيا ويندا ھُئا، آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس آفيسرن کي چونڊي چونڊي قتل ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم مشرف دور ۾ڪوٽا سسٽم ختم ڇو نه ڪرايو؟ حقيقت اها آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ به سرڪاري اجلاس ۾ ڪوٽا سسٽم جي مخالفت نه ڪئي.هن چيو ته جيڪڏهن اهي شهيد ڀٽو تي ڪوڙا الزام مڙھيندا ته اسان کي به منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ اچي ٿو، جڏهن ايم ڪيو ايم وٽ بندوقون هيون، اسان ان وقت نه ڊنا سين تھ ھاڻي ڇا ڊڄنداسين؟ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته اسان جو خيال هو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان شايد نفرت ۽ منافقت جي سياست کان پاسيري ٿي وئي آهي پر اسان غلط سمجھيو. سندس پُڇ جيئن جوتيئن ٽيڙهو رھيو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا سڀني تي احسان آھن،