سيراڻي ڀرسان قاضيه واھه اولڊ کي گهارو، سوين ايڪڙ فصل ۽ 8 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ

سيپٽمبر 3, 2024

سيراڻي (ن پ ا) سيراڻي ڀرسان قاضيه واھه اولڊ کي ڳوٺ مصري منڌرو ڀرسان 20  فوٽ گھاري سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل ساريون، ٽماٽا، مرچ، وونئڻ ۽ ٻيا فصل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا،جڏهن ته ڳوٺ آچار ڳاڙهيپوٽو، مهيار ڳاڙهيپوٽو، وسايو ڳاڙهيپوٽو، علي محمد ملاح، سانوڻ ملاح، عثمان نونڌو سميت ٻين ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو

ڳوٺاڻن پاران بروقت اطلاع ڪيو پر 16 ڪلاڪ گذر باوجود آبپاشي عملدار گهاري واري هنڌ نه پهتا، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهاري کي ٻڌڻ جي ڪوششون ڪيون پر گهارو بند نه ٿي سگهيو

ڳوٺاڻن ڏاڏا ولي محمد منڌرو، غلام مصطفيٰ منڌرو، اختر منڌرو، گل محمد جمالي، ڪريم بخش جمالي، سڪندر ڳاڙهيپوٽو، ڀٽو ڳاڙهيپوٽو ۽ ٻين چيو ته آبپاشي عملدارن منڍ جي زميندارن کان پئسا وٺي لفٽ مشينن ذريعي پاڻي واهه ۾ ڇوڙ ڪرائي رهيا آهن، جڏهن ته پوڇڙي ۾ بااثرن واھه بند ڪري ڇڏيو آهي، هنن اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي گهارو بند ڪرائي نقصان کان بچايو وڃي

Leave A Comment